ڀورو شاھہ بيگ دڙو: هي دڙو ديھہ مول تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري ۾ اُتر ويڪرائي ڦاڪ 25026\'62\' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ67026\'95\'\' تي موجود آھي. هي دڙو ڳوٺ شاھہ بيگ بس اسٽاپ کان اٽڪل ٻہ فرلانگ اتر-اولھہ ۾ ھڪ قديم ماڳ آھي، جنھن تي چوڌاري ٺڪراٺو پکڙيل آھي. جيتوڻيڪ ٺڪراٺو نئين توڙي پراڻي دور جو گڏجي ويو آھي. پوءِ بہ پراڻي ٺڪراٺي مان لڳي ٿو تہ دڙو قبل از تاريخ جو ماڳ آھي. ھن ماڳ جو بدر ابڙي ۽ سيد حاڪم علي شاھہ معائنو ڪيو آهي ۽ ان تي تحقيق جاري آھي، هن دڙي جي کوٽائي اڃا نہ ٿي آھي.