
ڀورو رڇ
ڀورو رڇ (Brown Bear ):ڀورو رڇ حيوانات جي اُرسيڊي (Ursidae) نسل سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو سائنسي نالو (Ursus Arctos) آهي، ڀوري رڇ جو نسل ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا جي ٻيلن ۽ پهاڙن ۾ ٿيندو آهي. ايشيا ۾ هماليہ جبل ۾ جنم وٺندڙ رڇ ڪافي مشھور ٿين ٿا. رڇ جي نسل ۾، ڀورو رڇ سڀ کان وڏو ٿيندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي الاسڪا ۾ هوندو آهي، جنهن جو قد 3 ميٽر (10 فٽ) ۽ وزن 800 ڪلوگرام ٿيندو آهي. يورپ ۾ جنم وٺندڙ ڀورو رڇ ان کان ننڍو ٿيندو آهي، جنهن جو قد 2 ميٽر (6.6 فوٽ) ۽ وزن 350 ڪلوگرام تائين ٿئي ٿو. ڀوري رڇ جي ٻين قسمن ۾، مِٽيءَ ۾ رهندڙ رڇ ۽ ڪوڊيڪ رڇ مشھور آهن. ڀوري رڇ جي وارن جو رنگ مٽيءَ جهڙو، تيز ڳاڙهو يا تيز پيلو ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ رڇ ڀاڄيون کائيندڙ جانور آهي، پر ڀورو رڇ پنھنجي خوراڪ لاءِ ٻين جانورن تي بہ حملو ڪري سگهي ٿو. هي رڇ مڇين جو شڪار پڻ ڪري ٿو. هي رڇ انسان تي حملي ڪرڻ وقت ڪافي خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو.