نظير احمد ڀنڊ

نظير احمد ڀنڊ

ڀنڊ نظير احمد

ڀنڊ ، نظير احمد: نامياري سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ نظير احمد ڀنڊ 26 جولاءِ 1947ع تي بلاول خان ڀنڊ (لڳ خدا آباد) تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي اٿس. هو بنيادي طور آبادگار آهي. سٺو نثرنگار آهي ، سندس ڪتاب ” تختگاھہ خداآباد “ (خدا آباد جي تاريخ بابت مضمونن جي ترتيب:2004ع) سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڇپيل آهي. هو هن وقت خدا آباد ۾ رهي ٿو ، ڪيترن ئي سماجي تنظيمن جو ميمبر آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ، خدا آباد جي باني ميمبرن مان آهي ۽ سگا جو مرڪزي عهديدار ۽ تعليمي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.26  عيسوي

نظير احمد ڀنڊ 26 جولاءِ 1947ع تي بلاول خان ڀنڊ ( لڳ خدا آباد ) تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف جاه نواب
رحمت ﷲ شيخ
وسيم راجا
رام سنگهہ سوڍو
شفالي واسديو
سومر عطار
راجڪمار هيراڻي
ٻاگهل ٻائي
دلدار عباسي 1
عبدالسلام ٿهيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون