ڀنڊن وارو ڍورو: هيءَ درياھہ جي ڇڏيل ڇاڙھہ هئي، جيڪا ديھہ ڀنڊ، تپي خدا آباد تعلقي دادوءَ ۾ ڳوٺ غلام علي ڀنڊ جي اوڀر ۾ هئي. درياھہ جي پاڻي نہ اچڻ ڪري هي ڍورو سڪي ويو آهي ۽ هن وقت اتي مقامي زميندار زمين هموار ڪري پوک ڪري رهيا آهن.