ڀرانا

ڀرانا

ڀرانا

ڀرانا (قديم ماڳ ):ڀرانا هندوستان جي رياست هريانه جي ضلعي فتح آباد ۾ هڪ تاريخي حيثيت جو حامل ماڳ آهي. توڙي جو هاڻي اهو هنڌ آباد نہ آهي ۽ دڙن جي صورت ۾ ملي ٿو، پر هتان کوٽائيءَ دوران هڙاپا تھذيب جا آثار مليا آهن. هي ماڳ دهلي جي اتر- اولھہ ۾ 220 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دهلي جي فضلڪا نيشنل هاءِ وي تي ۽ فتح آباد کان 14 ميل اتر اوڀر ۾ ڀونا (Bhoona) روڊ تي موجود آهي. هي ماڳ سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي آباد هو، جيڪو هاڻي موسمي ندي گهاگهر جي ڪناري تي آهي. دڙي جي ماپ اتر- ڏکڻ 190 ميٽر ۽ اوڀر اولھہ ۾ 240 ميٽر ۽ اوچائي 5.5 ميٽر آهي. هن ماڳ جي چوڌاري زرخيز زمينون آهن. هي ماڳ جون آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا طرفان 4-2003، 5-2004ع ۽ 6-2005ع ۾ کوٽايون ڪيون ويون. کوٽائيءَ دوران تھہ A-I مان ”هڪڙا ڪلچر ويئر“ (Hakra Culture Ware)، B-I مان شروعاتي سنڌو ڪلچر، تھہ A-II ۽ B-II مان شروعاتي اوائلي هڙاپائي ڪلچر جا آثار مليا آهن. هاڪڙا ڪلچر هڙاپا ڪلچر جو صفا نوخيز دور سڏيو وڃي ٿو. يا ائين چئجي تہ انهيءَ دور ۾ هتي سنڌو تھذيب جي صفا شروعات ٿيل ڏسجي ٿي. هن دور ۾ ڪچا گهر ملن ٿا. هي دور ڪالي بنگن جي پهرئين دور سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. هي اهو ماڳ آهي، جتان هاڻوڪي هندوستان ۾ سڀ کان پهريان سنڌو تھذيب وارا چٽا آثار مليا آهن. ان کان پوءِ عالمن جو ان طرف توجھہ ٿيو ۽ ٻيا سنڌو تھذيب وارا ماڳ کوٽيا ويا. B-I واري تھہ ۾ ماڻهو کليءَ فضا ۾ گهر اڏي رهندا هئا. شھر کي ڪو بہ قلعو وغيرہ ڏنل ڪو نہ هو. گهر ڪچا هئا. جڏهن تہ ٺڪراٺو سنڌو تھذيب جي مشھور ماڳ ڪالي بنگن سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. ٺڪراٺي ۾ ”هاڪڙا ويئر“ جو ٺڪر بہ گڏيل صورت ۾ ملي ٿو. A-II تھہ ۾ شھري زندگيءَ جا چٽا آثار ملن ٿا، شھر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، گهرن جي آڏو موهن جي دڙي وانگر سڌيون گهٽيون مليون آهن. هي شروعاتي هڙاپائي دور ليکيو وڃي ٿو. هتان مليل ٺڪراٺو اوائلي ۽ پڪي هڙاپائي دور جو گڏيل سڏيل مليو آهي. ٻين وٿن ۾ مڻيا، چوڙين جا ٽڪر، سُتيئڙا، مڇي مارڻ جا ڪنڍا، ڪوڏ، ٺڪر جون مورتيون وغيرہ ملن ٿيون. B-II مان اهڙا آثار مليا آهن، جو پڪي نموني چئي سگهجي ٿو تہ اهو هڙاپائي (Mature Harappan) دور وارو تھہ آهي، هتان مليل وٿن ۾ مڻيا، ٺڪر جون مورتيون، ٽامي جون چوڙيون، مهرون، هڏن مان ٺهيل شيون، ستيئڙا، جانورن جا مجسما وغيرہ مليا آهن. هن دور واري تھہ مان سنڌو ماٿريءَ جي مشھور ”ناچڻي“ جي بہ اڪر ٿيل حالت ۾ ملي آهي. موهن جي دڙي وانگر شھر قلعي بند آهي. گهرن جي اڏاوت ڪچين سرن جي ٿيل آهي. گهٽيون سڌيون آهن. قلعو ڪچين سرن جو ٺهيل آهي. هتان هڪ وڏي تنور جا نشان بہ مليا آهن، جنهن مان اندازو آهي تہ هتي گڏيل سماج هو. پڪيون سرون رڳو نالين ۾ استعمال ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو