ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر

ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر

ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر

ڀاڳچند هرداساڻي، ڊاڪٽر: سياستدان ۽ سماج سڌار ڊاڪٽر ڀاڳچند هرداساڻي، 20 اپريل 1940ع تي ضلعي سانگهڙ جي شھر کڏڙي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم کڏڙي ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ويو، جتي 1957ع ۾ انٽر ۽ 1964ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻيو. سندس مقرري سول اسپتال سانگهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ٿي. نوڪريءَ سبب 1967ع ۾ کڏڙي مان لڏي سانگهڙ شھر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي، سانگهڙ شھر ۾ پنھنجي خانگي اسپتال کوليائين ۽ گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. هن سانگهڙ ۾ ٻين باشعور ماڻهن سان گڏجي سگا شاخ جو بنياد وڌو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سگا شاخ جو صدر رهيو. جسٽس آف پيس ڪائونسل سانگهڙ جو 1985ع ۾ ميمبر، پي. ايم.اي سانگهڙ جو صدر، پاڪستان ريڊ ڪريسينيٽ ضلعي سانگهڙ جو 1990ع ۾ نائب صدر ۽ ڊويزنل سوشل ويلفيئر ڪميٽي حيدرآباد جو ميمبر پڻ رهيو. انهن عهدن تي رهي هن عوامي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيو. پوليي ۽ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ مھم هلايائين. پاڻ 1974ع ۾ هندو پنچائت سانگهڙ جو صدر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين رهيو. هن اقليتي برادري جي ترقي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. پاڻ هندو مسلم ڀائيچاري ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. هن 2001ع واري بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺي سياست جو آغاز ڪيو. 2001ع واري اليڪشن ۾ فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تان اڪثريت سان کٽي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. 2002ع ۾ ان سيٽ تان استعيفا ڏئي عام چونڊن ۾ حصو ورتائين. 2002ع کان 2007ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هن پارليامينٽ ۾ پهچي سانگهڙ جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي. جنهن ۾ ميرپورخاص کان سانگهڙ تائين 132 ڪي. وي ٽرانسميشن لائن، سانگهڙ سول اسپتال ۾ چيسٽ وارڊ، ٻارن جو ايمرجنسي وارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم اهم آهن. تعليم جي ترقي لاءِ ٻهراڙين جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ڪرايائين. پاڻ علمي ادبي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن ۽ فورمن جي مالي سهائتا پڻ ڪندو هو. کيس ڪيل خدمت جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾ مذهبي رواداري اوارڊ 1995ع،’شاھہ لطيف اوارڊ 2002ع‘،سچل سامي امن اوارڊ 2004ع‘ ۽ ’بيسٽ هندو ڪميونٽي ورڪر اوارڊ‘ شامل آهن.
ڊاڪٽر ڀاڳچند، 29 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.04.20  عيسوي

سياستدان ۽ سماج سڌار ڊاڪٽر ڀاڳچند هرداساڻي، 20 اپريل 1940ع تي ضلعي سانگهڙ جي شهر کڏڙي ۾ جنم ورتو.


2012.08.29  عيسوي

ڊاڪٽر ڀاڳچند، 29 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خورشيد شبانه نقوي ڊاڪٽر
ڄام سڪندر (اول)
ساقي هالائي
ڌرمو رام
سر غلام حسين هدايت ﷲ
عبدالله بن عمر هباري
حاجي علي شاھہ هنڱورو
دريا خان نظاماڻي
خواجہ احمد عباس
مائي ڀاڳي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون