ڀاڳت پراڻ

ڀاڳت پراڻ

ڀاڳوت پُراڻُ

ڀاڳوت پُراڻُ: ’پُراڻ‘ لفظ جي لغوي معنيٰ ”پراڻو‘ يا ”قديم‘ آھي. پراڻ، ھندو ڌرم جا مقدس گرنٿ آھن، اھو ھڪ قسم جو ديومالائي ادب آھي، جيڪو رزميه نظمن کان گهڻو پوءِ مرتب ٿيو. ڪي پراڻ منظوم آھن تہ ڪي وري مڪالماتي ۽ نثري شڪل ۾ آھن. ڪل ارڙھن پراڻ چيا وڃن ٿا، جن کان سواءِ ڪجهہ ننڍا يعني ”اپ پراڻ“ پڻ آھن. جن پراڻن ۾ سَتوَ يعني سچائيءَ کي اوليت آهي، اُهي هي آهن: (1) وشنو پراڻ، (2) نارديا پراڻ، (3) ڀاڳوت پراڻ، (4) گُرڙ پراڻ، (5) پدم پراڻ ۽ (6) وراھہ پراڻ.
وشنو پراڻ ۾ وشنو ديوتا جي اهميت آهي. جن پُراڻن ۾ ڏک يا اڻ ڄاڻائيءَ جو ذڪر آهي، اُهي هي آهن: (1) متسيه، (2) ڪُورما، (3) لِنگ، (4) شِو، (5) اسڪندَ ۽ (6) اگني. اهي سڀ شِو ديوتا سان منسوب آهن. اُهي پراڻ، جن ۾ رجَسس يعني خواهشن جو بيان آهي ۽ برهما سان منسوب آهن، سي آهن: (1) برهما، (2) برهمانڊ، (3) برهما وئووراٽ، (4) مارڪنڊييه، (5) ڀوَيشيه ۽ (6) وامن.
پراڻ ان دؤر ۾ مرتب ڪيا ويا، جڏھن ھندو مت ۾ مختلف فرقا، جھڙوڪ: وشنومت، شومت وغيرہ واضح شڪل اختيار ڪري چڪا ھئا، ھڪ لحاظ کان ان ڪري ئي انهن ۾ ”سورمن جي پوڄا“ جو تصور بلڪل نمايان نظر اچي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو