ڀاڳلو ولي

ڀاڳلو ولي: تعلقي عمرڪوٽ جي ديھہ ”ٻھڙائي ٿر“ ۾ ’پيرن جي ترائيءَ‘ کان مٿئين پاسي ڀٽن ۾ آڳاٽي دور جو هڪ بزرگ آرامي آھي، جيڪو ڀاڳلي وليءَ (درويش) جي نالي سان مشھور آھي. آسپاس جا چارڻ ۽ ٻيون ذاتيون ھن درويش جون بيحد معتقد آھن، ھن جون ڪرامتون علائقي جي ماڻهن ۾ مشھور آهن. جن تي ويساھہ وسوڙا ماڻهو اعتماد ڪندا آهن. بزرگ جي اصليت بابت وڌيڪ ڄاڻ نہ ٿي ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو