وشنو ڀاٽيا

وشنو ڀاٽيا

ڀاٽيا وشنو

ڀاٽيا، وشنو: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا، 21 اپريل 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي وقت مائٽن سان گڏ سنڌ ڇڏي ممبئيءَ هليو ويو. سندس تعليم انٽر آرٽس، رتن (هندي) ۽ ڪوويد (سسنسڪرت) آهي. ڀارت ۾ هن مھل تائين هُن انيڪ ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ لکيا ۽ شاعري ڪئي آهي. هو ڪيترين ئي اخبارن هندستان، هندواسي ۽ ماهوار رسالن جو ايڊيٽر بہ رهي چڪو آهي. جن ۾ ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين)، ’ڪونج‘ (1971ع کان 1970ع تائين) ۽ ’فلم ۽ فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) شامل آهن. جڏهن تہ هڪ وڏي عرصي تائين ’سنڌُو سماچار‘، ’سنڌو سنسار‘، ’جهولي لال‘، ’يگ ڌارا‘ ’ڪونج‘، ’سِپون‘ ۽ ’ڪاڪو ڪندن‘ ۾ هفتيوار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون بہ ڇپائيندو رهيو. اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت سڀا جو 1974ع کان 1978ع تائين سيڪريٽري بہ رهيو آهي. سندس ڪهاڻين جا 1، ناول 4 ۽ مضمونن جا 2 ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ناول ”سمرتين جو سڀاءُ“ ڏاڍو مقبول ٿيو. سندس انيڪ رچنائن جو هندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيلگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ڪتابن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن: (1) ”درد ڀري دل“ (1963ع)، (2) ”دل جي بستي“ (ڪهاڻيون: 1965ع)، (3) ”چندر مکي“ (ڪهاڻيون: 1965ع)، (4) ”سوال“ (ناول: 1976ع)، (5) ”زندگي جا ڪنارا“ (ناول: 1969ع)، (6) ”سج جا ٽڪرا“ (ڪهاڻيون: 1973ع)، (7) ”ديوار ۽ تاس جا پتا“ (ڪهاڻيون: 1977ع) ۽ (8) ”ساهت جا سوال“ (مضمونن جو مجموعو: 1976ع)، (9) ”رشتن جو انت“ (ڪهاڻيون: 2001ع). هن جا ناٽڪ (1) بيبو او بينو، (2) اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي، (3) نندن ڪر نندن ڏاڍا مشھور ٿيا. کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ سڀا پاران 1995ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ بہ مليو آهي. پاڻ هن وقت ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ شگر جي تڪليف سبب پير ۾ زخم ٿي پيس، جنهنڪري ڊاڪٽرن سندس هڪ پير ڪٽيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.22  عيسوي

وشنو ڀاٽيا ، 21 اپريل 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ احمد دمائي
غلام حيدر صديقي
جان محمد ميمڻ ڊاڪٽر
شھزور علي طيباڻي
شيرين عبادي
بادشاھہ
تنيو نذير احمد
ڪي ايس ناگپال
رشيد بن زبير قاضي
حزب ﷲ آءِ سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون