ڀاون علي شاھہ

ڀاون علي شاھہ ” ساقي “:پير ڀاون علي شاھہ ولد پير محمد شاھہ ، 15 فيبروري 1887ع تي ، بدين ۾ ڄائو . سندس خاندان جو سلسلو سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو . ڀاون علي شاھہ ، 14 ورهين جو هو ، جو سندس والد پير محمد شاھہ وفات ڪئي ، تنهنڪري بدين جي شاھہ قادري درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو . سنڌي ، انگريزي ، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪيائين . 20 ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين . ” ساقي “ سندس تخلص هو . وقت جي مشھور شاعرن سان سندن رهاڻيون هيون ، جن ۾ تاج محمد ” مشتاق “ افغان ، ڪرم علي شاھہ ” ڪرم “ ۽ مير عبدالحسين خان ” سانگي “ شامل آهن . سندس چيل ڪلام گهڻو آهي ، مولـودن ، مـداحـن ، ڪـافـيـن ، غـزلـن ۽ قـطعـن تـي مـشتمل آهي . جـوانـيءَ ۾ ، 19 آڪٽوبر 1918ع/ 1331ھہ تي وفات ڪيائين .


لفظ ڀاون علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

15.02.1887  عيسوي

پير ڀاون علي شاهه 15 فيبروري 1887ع تي ، بدين ۾ ڄائو


19.10.1918  عيسوي

ڀاون علي شاهه 19 آڪٽوبر 1918ع تي وفات ڪيائين



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالخالق مولوي
الياس عشقي ڊاڪٽر
خٽڪ اجمل
ڀٽو محمد يوسف
مير شھداد علي خان حيدري ٽالپر
عرض محمد خان لغاري نواب
پلي طالب
رحيم بخش قمر
ڀرتري هري
صابر ٿارياڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون