ڀاوساگر گرنٿ: هي سکن جي مذهبي اڳواڻ بابا پيارا سنگهہ ڀانيرا جو ڪتاب ”گرو گرنٿ صاحب“ جي نموني لکيل چيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جي ڪري سکن ۾ وڏي ڇڪتاڻ ٿي. جنهن ڪري پنجاب حڪومت (ڀارت) هن ڪتاب تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. هن ڪتاب جو پورو نالو ”ڀاوَ ساگر سمندر امر راني گرنٿ“ هو، جيڪو ڇپجڻ کان اڳ انتها پسند سکن ساڙي ڇڏيو ۽ بابا ڀانيرا کي آڪٽوبر 2001ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. پنجاب جي گورنر هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو تہ هن ڪتاب ۾ اهڙو مواد آهي، جيڪو هڪ طبقي خاص طور سکن جي دل آزاري ڪري ٿو. انهي بندش تي سرڪار جي خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن سيڪشن 96 پي-سي تحت داخل ڪئي وئي. جنهن تي ججن جي بينچ ويهاري وئي، جنهن گورنر جي فيصلي کي بحال رکيو. هن ڪتاب بابت ڪا گهڻي معلومات ڪا نہ ٿي ملي، جو ڇپجڻ کان اڳ ان کي ساڙيو ويو هو، پر ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي تہ هن ڪتاب جو ٽائيٽل اهڙي ئي نموني جو جوڙيو ويو هو، جهڙو گرو گرنٿ صاحب جو جڙيل آهي، جنهن ۾ گرونانڪ کي گهوڙي تي چڙهيل ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ڪري سکن ۾ اهو تاثر پيدا ٿيو تہ بابا ڀانيرا خود کي گرو جي سان مشابهت ڏئي رهيو آهي. (ڏسو ڀانيرا، بابا پيارا سنگهہ).