ڀاواني ٽمبو (Bhavani Timbo)(ماڳ): گجرات (هندستان) صوبي جي ضلعي جهونا ڳڙھہ جي ڳوٺ ڌمليج جي ڏکڻ- اولھہ ۾ ٻن ڪلو ميٽر جي پنڌ تي '9."70035 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ، '47. 200 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي هي دڙو موجود آهي. دڙو 100 ميٽر ڊگهو ۽ 70 ميٽر ويڪرو، جڏهن تہ هڪ ميٽر اوچو آهي. هتان اوائلي سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جهڙيون ڪيتريون ئي شيون مليون آهن. هتان مٿاڇري تان ڪيتريون ئي شيون شروعاتي تاريخي دور جون بہ ملن ٿيون. هتي اڳ تاريخي وٿن سان هڙپائي دور جون شيون گڏيل حالت ۾ موجود آهن. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو تہ هتي ڪجهہ عرصو سنڌو تھذيب وارا ماڻهو بہ رهيا آهن. هن دڙي جي کوٽائي ٿيل آهي.