ڀان سيد آباد: ڀان اصل ۾ ضلعي دادوءَ (هاڻي ڄامشوري ضلعي) جو ھڪ اهم شھر ۽ واپاري مرڪز آھي. ھي شھر سنڌو درياھہ جي پراڻي چاڙھه، الھندي ناري جي ويجهو، ھڪ واھہ تي آھي، جيڪو سنڌو نديءَ مان نڪري سيوھڻ تعلقي ۾، منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو. اڳ ۾ جڏھن ھتي ريلوي جي سھولت نہ ھئي. تڏھن سنڌو درياھہ ئي سفر جو وسيلو ھوندو ھو، ان وقت مسافر درياهي سفر ۾ سيوھڻ وٽ درياھہ کي ڇڏي اڙل ڦاٽ وٺندا ھئا، جنھن مان منڇر جو پاڻي سنڌو نديءَ ۾ نيڪال ٿيندو آھي. اتان وري الھندي ناري رستي مٿي وڃي سيوھڻ جي پريان سنڌو نديءَ ۾ پوندا ھئا. اھڙيءَ طرح ھو درياھہ جي تکي ۽ ڏکئي سير کان پاسو ڪندا ھئا. الھندي ناري تي سنڌ ۾ سارين جي عمدي پوک ٿيندي ھئي، ڀان شھر هن وقت ترقي جي رستي تي آهي. ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري ۽ هاءِ اسڪول، بئنڪون، اسپتال، واٽر سپلاءِ، بجلي ۽ پڪا روڊ آھن. سيد آباد'>ڀان سيد آباد جا ڪيترائي اصلوڪا رهاڪو مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار دا ڪري رهيا آهن. واپڊا جو اڳوڻو چيف انجنيئر عبدالحڪيم ميمڻ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”شاھہ لطيف چيئر“ جو هاڻوڪو ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو عهديدار عبدالجبار ميمڻ سيد آباد'>ڀان سيد آباد سان تعلق رکن ٿا. سنڌ يونائٽيد پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ مولابخش لغاري، روشن ٻرڙو ۽ سلام راجپوت پڻ هن شھر جا رهاڪو آهن. ڀان بُھہ ۽ اُن جو وڏو مرڪز آھي.