ڀاناڻو: ’ڀاناڻي‘ جو پوٺو، ڄام ڏاتارجي درگاھہ کان اتر اولھہ طرف سنجهوري ۽ نوابشاھہ تعلقن جي حدن ۾ پکڙيل ھو. جتي جا رهواسي گوادرا ذات جا مشھور آھن. ڀاناڻيءَ جو پوٺو يا پٽ، پاڻيءَ جي اڻاٺ کان مشھور آھي. ھڪ دفعي پير حزب ﷲ شاھہ پاڳارو ڀاناڻيءَ جي پوٺي مان اچي لنگهيو، ساڻس ھڪ ٻيو امير بہ گڏ ھو، جنھن کي سخت اُڃ لڳي ۽ پير صاحب کيس پنھنجو پاڻي گهرائي پياريو، پوءِ ان امير پير صاحب کان پڇيو تہ ”سائين اوھان جو اھڙو بہ ڪو فقير آھي، جو ھن برپٽ ۾ اوھان جي دعوت ڪري.“ پير صاحب فرمايو تہ ”ھائو، خاصخيلي (وڏي وريام ڏانھن اشارو) آھي.“ پير صاحب جن جي حڪم تي پوءِ وريام خاصخيليءَ، ان برپٽ ۾ سڄي جماعت جي شاندار دعوت ڪري ڏيکاري. مشھور شاعر خليفي نبي بخش بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ”ڀاناڻي“ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”تڙ مڙيئي تار ٿيا، ڀريو ڀاناڻو“.