ڀارو ۽ حفيظ

ڀارو ۽ حفيظ: ڀارو ۽ حفيظ ارغونن جي آخري دؤر حڪومت ۾ ڳوٺ ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيا. ماڙي جا سگهڙ هنن شاعرن کي قديم ترين سگهڙ چون ٿا ۽ سندن راءِ آهي، تہ لوڪ ادب جي صنف ’ڏٺ‘ جو بنياد هنن سگهڙ شاعرن رکيو ۽ هي پهريان سگهڙ شاعر آهن جن ’ڪٽيون ويٺي ڪٽي‘ واري ڳجهارت ٺاهي هئي. ان کانپوءِ ان تي ڪيترن شاعرن (سگهڙن) طبع آزمائي ڪئي. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي سندن باري ۾ لکي ٿو تہ: ”هو هڪٻئي جا همعصر هئا. البت ڀارو عمر ۾ وڏو هو، حفيظ جو استاد هو ۽ نابين هو، حفيظ اڪثر ڪم ڪار ڪندي ڪا شيءِ يا واقعو ڏسندو هو، تہ ٺھہ پھہ ان تي ڳجهارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ هو ان کي بيتن ذريعي ڀڃيندو هو. هڪ دفعي حفيظ، ڀت جي ڏار ۾ ڏينڀن جو مانارو ڏسي، هيٺين ڳجهارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏني:
’گهرن ۾ گهر گهڻا، گهرن ۾ گهر گهڻا‘
ڀاري ٺھہ پھہ چيو: ’چٻيندي چڻا ڏينڀو ڏٺا هوند ءِ ِ ڏارَ ۾‘، ڀاري ۽ حفيظ جا اهڙا گڏيل ڳجهارتي بيت ڪيترائي ملن ٿا.
ساڳيءَ ڳجهارت کي عطا حسين موسوي هن طرح لکيو آهي:
گهر ۾ گهر، تنهن ۾ گهر گهڻا،
کڻي اک کڻان تہ ناهي بس بصير کي
اڪثر سگهڙن انهن ٻنهي کي ڀائر ڪري سڏيو آهي.


لفظ ڀارو ۽ حفيظھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو