ڀائي ٿانورداس: ٿانورداس شڪارپوري، ڪنڊڙيءَ جي درگاھہ جو معتقد ۽ مُريد، شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو نالو شاھہ عنايت شھيد جي سلسلي جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو وڌيڪ احوال ڪو نہ ٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪتاب ”ڪافيون“ جلد پهرئين ۾ سندس ڪافيون شامل ڪيون آهن. جن مان هڪ ڪافيءَ جو ٿلھہ هن ريت آهي:
اوهين سوال ڪريو رب کي سرتيون!
هيءَ نماڻي ملي وڃي ورَ کي.