ڀئونر اڏامندڙ جيت

ڀئونر اڏامندڙ جيت

ڀئونر1

ڀَئُونرُ: ھڪ قسم جو اڏامندڙ جيت، جيڪو ڪاري رنگ جو ٿيندو آھي ۽ اڏامڻ وقت ان جي پرن مان ”ڀون ڀون“ جو آواز نڪرندو آھي، ڀؤنر ٻن قسم جا ٿيندا آھن، ھڪڙا صفا ڪاري رنگ جا، جن جي پاسن تي پيلا ٽڪا ٿيندا آھن، اھي ”گڊا ڀؤنر“ آھن، اھي گهرن جي ڪامن ۽ ڪاٺين ۾ سوراخ ڪندا ۽ سڪل ڪاٺين جو ڳڀ کائيندا آھن. ڀؤنرن جو ٻيو قسم بہ ڪارو ٿيندو آھي، سو گلن تي ويھي ڦيرا ڏيندو ۽ واس وٺندو آھي. ڀؤنرن جا ٻئي قسم گلن تي عاشق هوندا آهن. کين ھرو ڀرو ستائبو تہ ڏنگ بہ ھڻندا آھن. ويساھہ وسوڙل ماڻهن وٽ روايت آھي تہ ڀؤنر انساني روح آھن، جيڪي قضيي واري گهر ۾ گهمندا ۽ گهر جي ڀاتين جو خير گهرندا آھن. تنھنڪري عام ماڻھو انھن کي ستائيندا نہ آھن ۽ کين پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻندا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو