ٿَڙو/ ٿڙهو: گهوڙي جو هڪ سنج، هني جي هيٺان رکڻ لاءِ نهور مان ٺهيل گاديلو. هي لفظ گهڻو ڪري جمع ۾ ٿڙا ڪم ايندو آهي. عام ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڪنهن کي لڏائبو يا محفل مان اٿاربو آهي تہ”ٿَڙا مٿي تي ڏيڻ“ اصطلاح ڪم آڻبو آهي .