ٿڙا صاحب گردوارو، اُچ شريف

ٿڙا صاحب گردوارو، اُچ شريف

ٿڙا صاحب گردوارو اُچ شريف

ٿڙا صاحب گردوارو، اُچ شريف: سکن جي هيءَ عبادتگاھہ ضلعي بھاولپور جي تعلقي احمد پور شرقيه جي مشھور شھر اُچ شريف ۾ سيد سُرخ جلال بخاريءَ جي مزار جي اترئين پاسي هڪ کوھہ جي صورت ۾موجود آهي، جنهن کي گرونانڪ جو کوھہ يا عام طور ’ڪراڙي جو کوھہ‘ چيو ويندو آهي.
هي سرن جو ٺهيل تمام وڏو کوھہ آهي، جنهن جي آسپاس ڪنهن بہ عمارت جا آثار نٿا ملن. کوھہ جي مٿان پڳ بہ اڏيل ڪانهي. کوھہ جي اندرئين پاسي قدرتي طور هڪ وڻ ڦٽل آهي، هن مقام تي سنتن وٽ، گرونانڪ جون پنج يادگار شيون ملن ٿيون، (1) پيرن ۾ پائڻ واري ڪاٺ جي سينڊلن جي جوڙي، (2) هڪ لٺ، (3) پٿر جو هڪ گُرز،
(4) پٿر جا ڪڙا ۽ (5) هڪ فوٽ جي ٻيڙي، جنهن تي ويهي گرونانڪ سک مت جي پرچار ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو