ٿوٻي

ٿوٻي: ماني پچائڻ لاءِ پٿر مان گهڙيل تئي ۽ دانگيءَ جي شڪل جو ٿانءُ، جيڪو ماني پچائڻ لاءِ ڪم اچي. ماني پچائڻ لاءِ ”تئو“ لوھہ جو، ”دانگي“ ٺِڪر جي ۽ ”ٿوٻيپٿر مان گهڙي ٺاهيندا آهن. ٿوٻي اڪثر ڪوهستان ۾ استعمال ٿيندي آهي. اڄڪلھہ ڪنڀار بہ ٺڪريون ڪٽي، خاص مٽي ملائي، آويءَ ۾ پچائي ٿوٻيون ٺاهيندا آهن، پر اهي اهڙيون مضبوط نہ ٿينديون آهن .


لفظ ٿوٻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو