ٿلي ٻولي: پاڪستان جو اهو حصو، جيڪو اولھہ ۾ سنڌوندي، جھلم ندي (چناب سان گڏجڻ کان پوءِ) ۽ اوڀر ۾ جھلم چناب جي وچ تي آهي، ان کي ”سنڌو ساگر دو آٻو“ چوندا آهن. انهيءَ دوآٻي جو ڏاکڻو ڀاڱو ضلعي مظفر ڳڙھہ والاريو آهي. دو آٻي کان مٿي اڌ پنڌ تي شاهپور ضلعي ۽ جھلم جي وچ ۾ سالٽ رينج ( جابلو/ ڪلراٺو سلسلو) هڪ قسم جي اهم جاگرافيائي ۽ نسلي رڪاوٽ ٺاهي ٿو. سالٽ رينج ۽ مظفر ڳڙھہ جي وچ وارو ملڪ (ڪچي پٽ کان علاوہ) گهڻو ڪري ريگستان آهي، جنهن کي ٿل چوندا آهن. ٿل جي ٻوليءَ کي ٿلي سڏجي ٿو. جنهن جي معنيٰ ٿي ”ريگستان جي ٻولي“. علائقن جي حوالي سان ڏنل مختلف نالن مان ”جتڪي“ سڀني هنڌ ساڳي آهي، ڪنهن ڪنهن جاءِ تي ان ۾ فرق ڏسڻ ۾ ايندو. ٿلي، سنڌو درياھہ بہ پار ڪري ٿي ۽ بنون ۽ ديري اسماعيل خان ۾ بہ ڳالهائي وڃي ٿي. هونئن بنون ضلعي جي مکيہ ٻولي پشتو آهي. ٿلي گهڻو ڪري هتان جا هندو ڳالهائين ٿا. هيءَ لهندا جي ملتاني صورت آهي. شاهپور دوآٻي واري ڏاکڻي لهندا ۽ ٿليءَ ۾ مکيہ فرق سر گريئرسن ڏسيو آهي تہ ڏندن واري ”د“ جي بدران، مورڌني آواز وڌو ويندو آهي. ڪجهہ وياڪرڻ ۽ لفظن جو فرق بہ آهي. ان سموري علائقي ۾ هن کي جتڪي ۽ ڏيروالي بہ سڏين. ميانوالي ۽ بنون ۾ ٿليءَ کي ’هندڪو‘ ۽ ’ملڪي‘ بہ چون. جڏهن تہ جهنگ ۾ هن لهجي کي ٿلوچڙي چون. سر گريئرسن ميانواليءَ ۾ هن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 40،000 جھلم ۾ 131562، شاهپور ۾ 21000، جهنگ ۾ 2948، ديري اسماعيل خان 170،000 ۽ بنون ۾ 30،000 ڏسيو هو، جيڪو هن وقت لازماً ڪافي وڌيل هوندو. ٿلي جڏهن اتر طرف مغربي جھلم مان لنگهي ٿي تہ اتي ”ڌني“ سڏجي ٿي، جتان هزاره ضلعي ڏانهن هلي وڃي ٿي، جتان جي هيءَ مکيہ ٻولي آهي. ان کانسواءِ پشاور ۾ بہ هن جا ڳالهائيندڙ ملن ٿا. مظفر ڳڙھہ ۾ ڳالهائجڻ وارو لهندا جو لهجو ٻوليءَ جو هڪ قسم آهي, باقي سموري ٿل ۾ ”ٿلي“ ڳالهائي ۽ چئي وڃي ٿي. جهنگ واري علائقي ۾ ساڳي ٻوليءَ کي وري ”ٿلوچڙي“ سڏين. هي لهجو ڏکڻ ميانوالي توڙي ديري غازي خان واري ٿلي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. سرگريئرسن هن لهجي ٿلوچڙي جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 2948 لکيو هو، جيڪو جديد دور ۾ لازمي طرح وڌي ويو هو.