ٿلهي واري مزار: شاهپور چاڪر جو تاريخي قبرستان جنهن کي ’مير خان جا قبا'>شھداد خان جا قبا‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو، اتي وڏي ٿلهي تي هڪ مزار واقع آهي. اهو ٿلهو سيد عبدالله شاھہ جي مزار جي اوڀر ۾ ڇھہ-ست فوٽ اوچو آهي، ان ٿلهي تي پيلي پٿر جي هڪ وڏي مزار آهي، مزار تي چؤطرف آيت الڪرسي نقش ٿيل آهي. ٿلهي جي چوڌاري قبو آهي. جنهن کي ٻارهن ٿنڀا آهن. هن مزار تي ڪنهن بہ قسم جو ڪتبو وغيرہ نہ آهي.