
ٿر ٿر اندر ٿاڪ
ٿر ٿر اندر ٿاڪ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نوجوان ليکڪ ۽ شاعر ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ جو ٿر جي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو پبلشر نوٽ نامياري اديب ۽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاريءَ ۽ مهاڳ نامور اديب دليپ ڪوٺاريءَ لکيو آهي، جڏهن تہ نامياري صحافي رياض سھيل جو نوٽ بہ شامل ڪيل آهي. ڪتاب جي فليپرس تي نامياري شاعر اياز گل، جان محمد سمي ۽ ليکڪ زاهد اوٺي جا رايا ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي حڪومت سنڌ پاران 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 431 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.