ٿرواھہ

ٿرواھہ: هي واھہ 1867ع ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو 216 ميل ۾ ٻانڌ يا ڇاٻ کان بلڪل هيٺ نارا کان نڪري ٿو، ۽ ائين دائمي پاڻيءَ جو وهڪرو کڻندو رهي ٿو، پر ان کي سالياني طور پهرين ڊسمبر تي پاڻيءَ سِمڻ کان بچڻ لاءِ بند ڪيو وڃي ٿو. هن واھہ جي منهن وٽ پيٽ جي ويڪر 34 فوٽ آهي ۽ 1904ع ۾ خريف مند دؤران پاڻيءَ جو نيڪال هڪ هزار 175 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ هو، تنهنڪري آبيانو پنجاھہ ايڪڙ في فوٽ جو مقدار بيهي ٿو. امر ڪوٽ تعلقي ۾ زمين سيراب ڪندڙ واھہ جي ڊيگهہ چوويھہ ميل آهي ۽ سندس پنج شاخون آهن، جن تي لوهي ڇاٻون لڳل آهن، ۽ سندن ڪل ڊيگهہ اٺيتاليھہ ميلَ آهي. انهن ۾ ٻہ ميل تي ساڄي شاخ، ٽي ميل تي ڇور واھہ، ست ميل تي امر ڪوٽ شاخ، تيرهين ميل تي کيجراڙي شاخ ۽ کيجراڙي شاخ جي ڇهين ميل تي نور واھہ شامل آهن. پوکجندڙ سراسري ايراضي ڇاونجاھہ هزار 532 ايڪڙ آهي، جنهن ۾ خريف ۾ چرخيءَ تي پوکجندڙ پنج هزار ايڪيتاليھہ ايڪڙ، خريف ۾ موڪيءَ تي ٽيتاليھہ هزار ستونجاھہ ايڪڙ، ربيع چرخيءَ تي پوکجندڙ ڇاهٺ هزار ۽ ربيع وهڪري تي پوکجندڙ ست هزار 468 ايڪڙ آهن. 05-1904ع ۾ مرمت تي سرڪاري آيل خرچ ست لک ڇاهٺ هزار پندرهن رپيا هو، منجهانئس ملندڙ سراسري ڍل هڪ لک ستاويھہ هزار 729 رپيا ۽ کاٽيءَ تي ايندڙ لاڳت اٺ هزار 792 رپيا هئي .


لفظ ٿرواھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو