ٿرائي، ميون محمد مبين: ميون محمد مبين ٿرائي، شاھہ لطيف جو همعصر هو. هي پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ سنڌ جي عالم ۽ مبلغ محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر ۽ دوست هو. سانگهڙ ضلعي ۾ چوٽيارين واري درسگاھہ، سندس ئي قائم ڪيل هئي.
شاھہ لطيف اڪثر سانوڻيءَ جي مند ۾ وٽس ايندو هو. هڪ ڀيري ماني کائي ڳالهين ۾ گهڻيءَ دير تائين ويٺا رهيا. جڏهن شاھہ صاحب موڪلائڻ لاءِ اٿيو تہ ميين مبين ٿرائيءَ کيس چيو تہ: ”جهڙڦڙ آهي، ترسي پئو!“ شاھہ صاحب جواب ۾ سر رامڪليءَ جي بيت جي هيءَ مصرع چئي: ”ردا جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين!“ ان بعد شاھہ صاحب موڪلائي روانو ڪيو. (حوالو: ’شاھہ جو رسالو‘، جلد پهريون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)