ٿاڌل: هڪڙي قسم جو فرحت ڏيندڙ شربت، جيڪو گرميءَ جي مند ۾ پيئبو آهي. ڌاڻا، وڏف، جيرو، چار مغز ۽ ٻيون شيون، مصريءَ سان گڏ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي ٿاڌل تيار ڪئي وڃي ٿي. اڄڪلھہ اها مشين ذريعي پڻ گهوٽي وڃي ٿي. ڪن هنڌن تي ٿاڌل ۾ پواڙي، گدري جا ٻج، ڪارا مرچ، نيلوفر، خس خس ۽ باداميون بہ گڏي گهوٽيندا آهن. هي خالص سنڌي مشروب آهي، سنڌ ۾ ٺٽي جي مشھور ’درس‘ دواخاني جي ٿاڌل ۽ نوابشاھہ جي ”معاذ“ ٿاڌل وڏي پيماني تي مشھور آهي. هاڻي ڪي ٻيون ڪمپنيون بہ ٿاڌل ٺاهين ٿيون .