ٿامس مان

ٿامس مان

ٿامس مان

ٿامس مان (Thomas, Mann ):ٿامس مان 6 جون 1875ع تي جرمني جي شھر ليوبڪ ۾ ڄائو. 1891ع ۾ سندس پيءَ مري ويو تہ ليوبڪ مان ميونخ هليو ويو، جتي 1933ع تائين رهيو. ميونخ ان وقت جرمنيءَ جي فن ۽ ادب جو مرڪز ليکيو ويندو هو. شروع ۾ هن هڪ انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ پوءِ هڪ هفتيوار رسالي (Simplicissimus) جي ادارتي عملي ۾ شامل ٿي ويو. هن انهيءَ رسالي ۾ طنزيہ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سندس وڏو ڀاءُ هنريڪ بہ ليکڪ هو. ٿامس مان جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “Der Kleine Herr Fried Mann” جي نالي سان 1898ع ۾ ڇپيو، جنهن تي جمالياتي فڪر سان گڏ شو پنهار ۽ نٽشي جي فلسفي جو بہ اثر نمايان نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻيون گهڻو ڪري اهڙي فنڪار جي مسئلن جي چوڌاري گهمن ڦرن ٿيون، جيڪو موجودہ دور جي بي معنا زندگيءَ سان وڙهندو ۽ جهيڙيندو نظر اچي ٿو. 1905ع ۾ سندس شادي ٿي جنهن مان کيس ڇھہ ٻار ڄاوا. ٻنهي (زال ۽ مڙس) جو ساٿ انتهائي ڪامياب رهيو. هڪ مصنف جي اعصابي ڪشمڪش تي سندس زبردست ناول (Death In Venice) ڇپيو. جيڪو المناڪي جي طرزِ تحرير جو شاهڪار ثابت ٿيو. کيس ناول نگاري ۽ مضمون نويسيءَ تي سال 1929ع جو نوبل انعام عطا ڪيو ويو هو. جيڪو سندس ناولن ”بڊن بروڪس“ (Budden Brooks) (1900ع) ”ڊيٿ ان وينس“ (Death In Venice) (1912ع) ۽ ”دي ميجڪ مائونٽين“ (The Magic Mountain) (1924ع) تي ڏنو ويو هو. پهرين عالمي جنگ لڳي تہ هن جي ڀاءُ اعتراض ڪيو تہ جرمن ڪهڙا هدف کڻي هن جنگ ۾ ڪڏي پيو آهي. هن هڪ ڪتاب Unpolitical Man (1918ع) ۾ لکي ان جو جواب ڏنو. منڍ ۾ هي ٻن جرمن مفڪرن پال انتون ڊي ليگرڊ (Paul Anton De Legarde) ۽ هائوسٽن اسٽيورٽ چيمبر ان (Houston Stewart Chamberlain) جي ان نظريي جو حامي هو تہ جرمن دنيا تي حڪومت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن، جو سندن نسل چند ۽ اعليٰ آهي، پر جلد ئي هن ان نظريي تان هٿ کڻي ورتو. 1919ع ۾ هن جي تصنيف “The Magic Mountain” شايع ٿي جنهن ۾ هي آمريت جي بجاءِ جمهوريت جو حامي نظر آيو. جلد ئي هن جا ٻيا ٻہ ناول “Early Sorrow” ۽ “Maryland Magician” شايع ٿيا. ٻنهي ناولن مان سندس سياسي ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. ان کان سواءِ بہ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا. توڙي جو سندس لکڻيون اهڙيون سوليون ۽ ساديون ڪونه هيون، پر پوءِ بہ هن جي لکڻين ماڻهن جي ذهن تي هڪ ڇاپ ڇڏي. ٿامس مان ويهين صدي جو عظيم ناول نويس ليکيو وڃي ٿو. سندس لکڻيون جرمنيءَ توڙي ٻين ملڪن ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون. هن 12 آگسٽ 1955ع تي سوئزرلينڊ جي شھر زيورچ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ٿامس مانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1875.05.05  عيسوي

ٿامس مان 6 جون 1875ع تي جرمني جي شهر ليوبڪ ۾ ڄائو .


1955.08.12  عيسوي

ٿامس مان 12 آگسٽ 1955ع تي سوئزرلينڊ جي شهر زيورچ ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش سومرو حافظ
ڄام اوٺو
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
سيد عالم شاھہ
صغير الاهي کچي
جين فرانڪوئس جيرج
الطاف حسين انڙ
دليپ ڪوٺارِي
پير سومرو2
تاج صحرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون