
ٿالهي
ٿالهي: ڌاتوءَ جو ٺهيل ٿانءُ ، ٿالهي کاڌي لاءِ بہ ڪم اچي تہ ڀڄن ڀاوَ ۾ وڄائڻ لاءِ بہ استعمال ٿيندي آهي . اُها ٿالهي خاص ڪنجهي مان ٺهندي آهي ، ان جي وچ ۾ سوراخ ڪري ڏور وجهي ، ٿالهيون/ٽليون پاڻ ۾ ملائي وڄائيندا آهن . موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران هٿ آيل قديم ٿالهيون ٺڪر جون ٺهيل هيون .