پڪي قلعي جوهڪ ڏيک

پڪي قلعي جوهڪ ڏيک

پڪي قلعي جو واچ ٽاوَر

پڪي قلعي جو واچ ٽاوَر

پڪي قلعي جو پٺيون ڏيک

پڪي قلعي جو پٺيون ڏيک

پڪو قلعو

پڪو قلعو: ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو 1768ع ڌاري ٺهرايل هيءُ قلعو جنهن کي پڪو قلعو ڪوٺيو وڃي ٿو، ´22 º25 اتر ۽ ´41 º68 اوڀر حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان موجود آهي. هن قلعي جو گهيرو اٽڪل هڪ ميل ۽ بلندي 80 فوٽ آهي. ڀڳوانداس ڀڳوان هن قلعي جي پکيڙ 36 ايڪڙ ٻڌائي آهي.
هي قلعو پنج ڪنڊي ۽ بيضوي شڪل جو آهي، جو پڪين سرن ۽ گچ مان ٺهيل آهي. مھر ڪاڇيلو قلعي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ ”قلعي جي اتر طرف هڪ وڏو در ۽ هڪ چور دروازو هو. ست، اٺ بي ترتيب مورچا آهن. اوڀر ۽ ڏکڻ واري فصيل اوچائيءَ تي آهي. اولھہ واري پاسي تي ٻہ فصيلون آهن. ٻاهر واري فصيل گول ڪمان وانگر بيضوي شڪل ٺاهي ٿي. انهن فصيلن جي وچ ۾ هڪ ڪمرو لانڍيءَ وانگر آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڇت لاهينءَ تي آهي. چون ٿا تہ اهو بارود خانو هو. ڪن جو خيال آهي تہ اهو اناج لاءِ گودام آهي. انهن فصيلن جي وچ ۾ ڪابہ ٻي جڳھہ نہ آهي. اندرين فصيل ۾ هڪ چور دروازو گودام طرف وڃي ٿو.“ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ناٿن ڪرو 1799ع ۾ سنڌ آيو، ۽ هو هت سترهن مهينا رهيو. هو لکي ٿو تہ: ”حيدرآباد جو ڪوٽ سنهي ڀت سان آهي، جنهن تي توپون رکيل آهن، پر اندران مٽيءَ جو ٿلهو ڀراءُ اٿس. ڪجهہ مٽي اصلوڪي ۽ ڪجهہ هٿرادو پيل آهي. ان ڪري ڀت کي ٽوڙڻ مشڪل آهي. سمورو قلعو سرن جو ٺهيل آهي. سؤ والن کان وڌيڪ ويڪر نہ اٿس. ڪوٽ جي ڀت جي ڊيگهه اٽڪل منو ميل ٿيندي، ان ۾ توپن رکڻ لاءِ جايون آهن. مورچا وغيرہ ڪونه اٿس. اهو هڪ ڊگهي سوڙهي ٽڪريءَ جي ڪنڊ تي ٺهيل آهي، جيڪا سڀني پاسن کان اڀي آهي. ٽڪريءَ جي آسپاس واري ايراضي سنڌو نديءَ جو هڪ ٻيٽ آهي، جنهن جي ويڪر ڇھہ کان اٺ ميل ۽ ڊيگهہ ويھہ کان ٽيھہ ميل ٿيندي. اها ايراضي آباد ۽ زرخيز آهي ۽ آبڪلاڻي ۾ پاڻيءَ جي اٿل هيٺ ايندي آهي.“ والٽر هملٽن هن قلعي بابت 1820ع ۾ بيان ڪري ٿو تہ ”هي قلعو هڪ ٽڪريءَ تي آهي ۽ هڪ هزار قدم ڊگهو آهي. ان جي هڪ طرف ڦليلي ۽ ٻئي طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي سنڌو ندي آهي. قلعو پنج ڪنڊو ۽ ٽڪريءَ جي بيهڪ مطابق آهي. قلعي جون ڀتيون سرن جون آهن ۽ منجهس بندوقن لاءِ مارا آهن. ڪيترن هنڌن تي ٽڪري ايتري مٿانهين آهي. جو جيڪڏهن هن ڀت کي ٽوڙي ڇڏجي، تہ بہ قلعي تي چڙهڻ ناممڪن آهي.“
هي ڪوٽ هڪ ميل قطر ۾ ڦهليل آهي، جنهن جي اوچائي 80 فوٽ، پکيڙ 36 ايڪڙ، قلعي جو ڊگهي ۾ ڊگهو حصو اوڀر کان اولھہ 2430 فوٽ ۽ وڌ ۾ وڌ ويڪر اتر کان ڏکڻ 900 فٽ آهي، قلعي جي اتر واري ٻانهين (ڀڳل ڀت سميت) 3100 فوٽ ۽ ڏکڻ واري ٻانهن 3080 فوٽ آهي، پٽ رٿا موجب قلعو ذري گهٽ مستطيل آهي. قلعي جي وچ ۾ ڪنهن وقت نگاھہ رکڻ لاءِ ٽاور ٺهيل هو، جتان اندر توڙي ٻاهر پري پري تائين نگاھہ ويندي هئي.
ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو 1182ھہ/ 1768ع ۾ جڏهن حيدرآباد آيو، تڏهن اتي هڪ قلعي ٺهرائڻ جو خيال آيس، جتي اڳيئي پراڻو قلعو ٺهيل هو، جيڪو صدين کان زبون حالت ۾ هو. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي سنڌو درياھہ جي کاٻي ڪپ تي پراڻي شھر ڀرسان گنجي ٽڪر جي هڪ شاخ تي پڪين سرن جو هڪ عظيم الشان قلعو تعمير ڪرائي هڪ نئون تاريخي شھر ٻڌي مٿس حيدرآباد نالو رکيائين ۽ اتي رهائش اختيار ڪيائين ۽ حيدرآباد کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪيائين. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي قلعي ۾ اندر پنھنجي رهائش لاءِ هڪ محل ٺهرايو، جيڪو هوبهو شيش محل جهڙو هو. حرم سراءِ کان سواءِ هن محل “۾ ديوان عام ۽ ديوان خاص پڻ ٺهرايائين. هي ميان صاحب جو آخري ۽ سڀ کان وڏو تعميري ڪارنامو هو. قلعي جي دروازي مٿان هڪ پٿر نصب ڪرايائين. جنهن جي چئني طرف هيٺين عبارت تحرير ٿيل آهي:
ساڄي پاسي تي:
ﷲ اڪبر اللهم صلي وسلم على محمد و علي و فاطمہ
مٿان:
والحسن والحسين و علي و محمد و جعفر و موسى و علي
کاٻي پاسي تي:
و محمد وعلي و الحسن و محمد المهدي الهادي
هيٺان:
بامر عالي مظهر ولايت ميان غلام شاھہ خان عالي بن ميان نور محمد بن ميان يار محمد بن ميان نصير محمد عباسي.
پٿر جي وچ تي هيءُ آيت تحرير ٿيل آهي:
”يا رب اجعل هذا البلد آمنا“
1182ھہ
[اي مالڪ هن شھر کي امن وارو ڪر]
هن تختيءَ جي تحرير مان هن قلعي جي تڪميل جو سال 1182ھہ يعني 1769ع نڪري ٿو.
ميان سرفراز خان بہ حيدرآباد جي پائي پوڻ تي هڪ نظم لکيو هو، جنهن جي آخري شعر مان قلعي ۽ شھر جي بنياد پوڻ جو سال نڪري ٿو:
”ازعطا هائي واهب ديان
حيدرآباد گشت آبادان“
1182ھہ
ميان سرفراز جي هن شعر جي ٻنهي مصرعن جي هر لفظ سواءِ ”از“ جا ابجدي حرف جمع ڪرڻ سان سن نڪرندو.مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي ”نئين زندگي“ ۾ لکي ٿو تہ: ”هن قلعي جو ڪم استاد شفيع محمد ملتانيءَ، ٻين ڪاريگرن سان گڏجي ڪيو هو ۽ ان ڪم جي نگراني مرزا احمد خراساني ڪري رهيو هو. سارو قلعو گچ ۽ چوني سان جوڙيو ويو. انهي دور ۾ ڪاريگرن جي روزانہ اجرت 10 پيسا ۽ مزورن جي 6 پيسا هئي.
ڪوٽ جي دروازي کي خوبصورت بنائڻ لاءِ دروازي جي ٻاهران ۽ مٿان ڀت ۾ هڪ وڏو سھڻو محراب ٺاهيو ويو. ان محراب هيٺان وچ تي نالي واري سنگِ مرمر جي تختي لڳل هئي. محراب ۾ تختي ۽ دروازي مٿان هڪ مستطيل کانچي ۾ وري هڪ ننڍو محراب آهي. جنهن اندر وري چؤڪور ۾ ٽيون ننڍڙو محراب آهي. سڀ چؤڪور ۽ محراب مختلف رنگن جي گلن ٻوٽن سان چٽيل هئا. انهن محرابن ۽ چوڪؤرن هيٺان ڪاٺ جي چوڪٺ ۾ دروازو لڳل هو. شاهي دروازو هڪ فٽ ٿلهي ڪاٺيءَ جو هو. مٿس نقش نگاريءَ جو سھڻو ڪم ٿيل هو. دروازي جي ٻاهرين طرف لوھہ جا تمام ٿلها ۽ چنهبدار ڪل لڳل هئا، جيئن حملي آور سولائيءَ سان در ٽوڙي نہ سگهن. اهڙيءَ طرح قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان چئن دروازن مان لنگهڻو پوندو هو. دروازي جي ٻنهي پاسن کان سڌي ڀت هئي، جنهن ۾ خوبصورتيءَ لاءِ ڪيترن چوڪنڊن ۾ محرابن اندر بہ گل ٻوٽا نقش ٿيل هئا. قلعي اندر مير نصير خان هڪ ماڙي ٺهرائي هئي، جنهن ۾ مير صاحب درٻار ڪندا هئا. ماڙيءَ جي اڱڻ جي ٿنڀن ۽ اندرين ڇت تي نفيس نقش نگاريءَ جو ڪم ٿيل هو. ڀتين تي بہ رنگين تصويرون اڪريل هيون جن مان ڪجهہ رستم سهراب جون هيون ۽ ڪن ۾ ميرن کي درٻار ڪندي ڏيکاريو ويو هو. هيءَ ماڙي ديوان خاص جي نالي سان مشھور هئي. هيءَ بلڪل ننڍڙي ڪوٺي هئي، جيڪا هڪ بلند ٿلهي تي ٺهيل هئي، جنهن ۾ ڪجهہ سال اڳ تائين سنگ مرمر جي هڪ پراڻي ڀڳل ڪرسي پئي هوندي هئي.
ديوانِ عام بہ ديوانِ خاص جي ويجهو شاهي دروازي جي سامهون هڪ تمام وڏي ٿلهي تي هو. جيمز برنس لکي ٿو: ”ديوانِ عام جي عمارت جون ڀتيون سڀني پاسن کان تمام سهڻين تصويرن سان سينگاريل هيون ۽ فرش تي رنگ برنگي غاليچا وڇايل هئا. هڪ طرف کان ٽي بلند محرابي دروازا هئا، جن تي سائي ريشمي رنگ جا پڙدا لڙڪي رهيا هئا. بلوچ سردار خوبصورت ريشمي گلڪاري ٿيل وهاڻن کي ٽيڪ ڏئي ويهندا هئا. منارو قلعي جي وچ ۾ شاهي دروازي جي بلڪل سامهون هو، جنهن ۾ چڪردار ڏاڪڻيون لڳل هيون. انگريزن هن تي جھاز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڦيري واري وڏي پٽي لڳائي هئي، جيڪا ڪافي وقت اڳ لاٿي وئي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن قلعي تي قبضو ڪيو، تڏهن انهيءَ مناري تي برطانيہ جو جهنڊو ”يونين جيڪ“ ڦڙڪايو ويو. مير مراد علي خان شاهي دروازي جي اوڀر ۾ هڪ ٽڪسال جوڙايو هو، جنهن ۾ هن جي نالي جا سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺهندا هئا. 1942ع ۾ مير نصير خان جي عھد ۾ چارلس نيپئر جي عهدنامي پٽاندڙ اهو ٽڪسال بند ڪيو ويو، تنهن بعد سنڌ ۾ بہ راڻي وڪٽوريا جا سڪا جاري ڪيا ويا.
غلام شاھہ قلعي ٺھڻ بعد سندس نگهباني لاءِ منهن وٽ ٻہ مسجدون ٺهرايون، جن جي مير فتح علي خان جي عھد ۾ مير غلام علي خان مرمت ڪرائي ۽ ساڳي وقت سندس والدہ ماجده بيبي خيرالنساءِ حيدرآباد ۾ فقير محمد خان جوڻيجي جي پڙ جي ڀرسان ڌار مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄ تائين ”مائي خيري جي مسجد“ جي نالي سان مشھور آهي. ميان غلام شاھہ وارين مسجدن جي ڇتين تي ٽي ٽي گنبذ آهن، جن ۾ وچيون گنبذ وڏو آهي ۽ چئن ڪنڊن تي چار گنبذڙيون هيون. گنبذ ۽ گنبذڙين مٿان ڪاشيءَ جون نيلون هيون. مسجد جي اندرئين پاسي نمازين جي هوا لاءِ محرابي بادگير رکيل هئا ۽ تنهن کان سواءِ جارا بہ ٺهيل هئا. الول الذڪر مسجد ۾ سيد طالب شاھہ ۽ ٻيءَ مسجد ۾ آخوند رحمت ويهاريائين. اهي مسجدون برطانيا جي دور ۾ طالب شاھہ ۽ ملا رحمت جي نالي سان مشھور هيون. هڪ قطع مان ميان مير غلام علي مائل جي مسجد جي تاريخ 1208ھہ بمطابق 1793ع نڪري ٿي:
خرد تاريخ تعميرش بفر مود
”مبارڪ خانئه اڪبر“
1207ھہ (1795ع)
مير مراد علي خان جي مسجد ٺھڻ وقت اهو قطعو لکيو ويو، جنهن مان تاريخ 1210ھہ بمطابق 1811ع نڪري ٿي:
هاتف سال اين بنائي خانہ ايزد عظيم
”مير مراد يافت از مسجد نو بنا“ بگفت
1210ھہ (1811ع)
مسجد اقصيٰ جنهن کي شاهي مسجد جي نالي سان بہ سڏيندا آهن، اها مسجد ڪچهريءَ جي بلڪل ويجهو هئي، جنهن جي تعمير جو سال 1226ھہ ملي ٿو:
سال تعمير شريفش چون همي جستم زغيب
”طرفه اعليٰ مسجد اقصيٰ ست اين“ آمدندا
1226ھہ (1827ع)
انگريزن جي دور ۾ قلعي کي ڇانوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويو، بادشاهي محلاتن ۾ فوج رکي وئي.
مير فتح علي جڏهن حيدرآباد کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. تڏهن هن پنھنجي ڀائرن لاءِ قلعي اندر جدا جدا جايون جوڙايون. قلعي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. قلعي جي اوڀر وارو پاسو مير فتح علي ۽ مير غلام عليءَ جي حصي ۾ آيو، جتي انهن پنهنجا محل ٺهرايا. اچڻ وڃڻ لاءِ قلعي جي اتر واري ڀت ۾ هڪ ننڍو دروازو ٺهرايو. قلعي جو وچ وارو حصو جتي منارو هو. اتي درٻارٺهرائي، باغن جي اتر ۾ شاهي دروازو هو، جنهن مان هر عام خاص اچي وڃي پئي سگهيو. مير فتح علي پنھنجي ”فتح نامہ سنڌ“ ۾ هڪ ڊگهو نظم لکيو آهي، جنهن مان قلعي جو شان و شوڪت ظاهر ٿئي ٿو. ڪچهري (قصر) ۽ باغ جي تاريخ سيد عظيم الدين ”عظيم“ 1204ھہ ڪڍي آهي:
خرد گفت تاريخ سال بنا
باقايا قصر دولت سيرا
1204ھہ (1806ع)
حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي صدر دروازي وٽان شھر جي خاص بازار، شاهي بازار ٺاهي وئي هئي. اها بازار قلعي جي مکيہ دروازي کان شروع ٿئي ٿي. اها اتر طرف سڌو ڪيئي فرلانگ هلندي ٿي وڃي. شاهي بازار کي ”ميان غلام شاھہ جو رستو“ بہ ڪري چوندا هئا. انگريزن هتي قابض ٿيڻ کان پوءِ اها ڪوشش ڪئي تہ ان بازار کي ”آڪسفورڊ اسٽريٽ“ جي نالي سان سڏيو وڃي، پر هو ان ڪوشش ۾ ڪامياب نہ ٿيا. هيڊل لکي ٿو تہ: ”ڪو بہ معتبر ماڻهو شھر ۾ نٿو رهي. اڪثر واپاري، ڪاريگر، درٻاري ۽ خدمتگار قلعي ۾ رهن ٿا. جن بہ معزز ماڻهن کي ڪوٽ اندر جڳھہ نٿي ملي، اهي قلعي جي چؤگرد ميدان ۾ ننڍا واهڻ ٺاهي رهن ٿا. اهي ڳوٺ گهڻو ڪري ڦليليءَ جي ڪپر تي آهن. جن جي ڀرسان اميرن جا باغ بہ آهن. اهي واهڻ ”ٽنڊا“ سڏبا آهن، جيڪي سردارن جي نالي سان سڏيا وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو ملاقات لاءِ ايندو آهي تہ کيس ميدان ۾ تنبو هڻي رهايو ويندو آهي، ڇو جو قلعي اندر رهڻ جي جاءِ نہ آهي، شھر ۾ اناج جا گودام نظر ايندا آهن. ڌوٻي، نيرولي، لوهر، ڪلال ۽ پخالي وغيرہ ڦليليءَ جي ڪپر تي رهن ٿا.“
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ هندستان مان لڏي آيل ماڻهن کي پڪي قلعي ۾ رهايو ويو. جن قلعي جي اهميت کي نہ سمجهندي اتي مختلف اڏاوتون ڪري، ان جي شڪل ئي ڦيرائي ڇڏي آهي، هڪ هنڌ گهڻا ماڻهو آباد ٿيڻ سبب اتان پاڻيءَ جي نيڪال واريون ناليون وهايون ويون، جنهن سان قلعي کي سخت نقصان رسيو. جنهنڪري سال 2007ع ۾ قلعي جي اولھہ ڏکڻ واري ڀت جو ڳپل حصو ڊهي پيو. ان کان اڳ بہ قلعي جا اتر اوڀر ۽ اوڀر وارا حصاڪري پيا هئا. هن وقت بہ هي تاريخي قلعو مسلسل تباهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ان جي حالت خراب آهي، ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ هن تاريخي اهميت واري ورثي کي بچائڻ جا جتن ڪيا وڃن.


لفظ پڪو قلعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو