پڪا چانگ: ضلعي خيرپور، تعلقي فيض گنج ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
حاجي فيض محمد، کنڊوخان شر، نورل بالادي، ڦوٽوخان مجيداڻو، حاجي محمد حسن چنا، دين محمد چانگ، زوار طاهر راڄپر، سائين بخش چانگ، صوبدار خان چانگ، نهال خان مشوري ۽ محمد هاشم چانگ.هن ئي نالي سان پڪا چانگ جو شھر آهي، جنهن تي چانگ ذات وارن پويان هيءُ نالو پيل آهي ۽ تعلقي فيض گنج جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هن شھر جي چوڌاري زرخيز زمينون آهن. هينئر ڀريا روڊ تائين شھر ٺھڻ سبب خاشي ترقي ڪري ويو آهي. هتي ڊگري ڪاليج، پرائيويٽ ڪاليج، اسڪول ۽ اسپتالون آهن. هن شھر جي آدم شماري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.