پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا (ڪتاب): مشھور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس گوبند مالهيءَ جو ورهاڱي جي پسمنظر تي لکيل هيءُ ناول سندس اوائلي ناولن مان آهي. ڪرائون سائيز ۾ 148 صفحن تي ڇپيل هيءُ ناول، چونڊ پبلڪيشن حيدرآباد جي پهرئين ڪتاب طور علي مرتضيٰ ڌاريجي 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت ٻہ روپيا رکيل آهي. هيءُ ناول گوبند مالهيءَ جي بھترين ناولن مان هڪ آهي. هن ناول ۾ گوبند مالهيءَ پنھنجي ٻالڪپڻ ۽ جوانيءَ جي پوپٽن جهڙن پلن کي ياد ڪندي، سامتيءَ جي ڳوٺ جي زندگيءَ جو چٽ چٽيو آهي. هن ناول جو مکيہ ڪردار ”ڪُندن“ آهي. هن ناول جو مکيہ موضوع آهي ”ڌرتيءَ جي ڳالھہ، ڌرتيءَ کان وڇڙڻ جو درد“. هيءُ ڪتاب جو سنڌ ۾ ڇپيل ٻيو ڇاپو آهي. جڏهن تہ پهريون ڇاپو ڀارت ۾ ڇپيو هو. ورهاڱي جي واقعن جو بيان پنھنجي ڳوٺ ’ٺارو شاھہ‘ جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو