پڙو1

پِڙو: شاديءَ جي هڪ رسم، جنهن ۾ گهوٽيتن پاران ڪنوار لاءِ کاڌي جو سامان، ڳھہ ڳٺا، ڪپڙا ۽ سينگار جو سامان ڏنو ويندو آهي. ان کي ’پِڙو‘ چئبو آهي. ونواھہ ۽ وهانءُ جو پڙو ڌار ڌار ٿيندو آهي. ونواھہ جي پڙي ۾ اکيو، ونواھہ جو وڳو، سڪو ميوو، تازو ميوو، سُرها وکر، لؤنگ، ڦوٽا، پتاشا يا نباتون، تيل، گهہ، مهلب، چنڻ، ڪيسو ڦل، مساڳ، ڪجل، سرمو، پيٺي ۽ ميندي ۽ پوءِ ڀوڳهڙي لاءِ مصري، ڏارو ۽ کؤنر وغيرہ هوندو آهي. وهانءَ جي پڙي ۾، ڳھہ، وهانءُ جو وڳو ۽ ٻيا وڳا، سُرهو هار، چوڙيون، چوٽيون، ٽوال، گنجيون ۽ اڳٺ وغيرہ ڏنا ويندا آهن. پڙو ڏيڻ لاءِ، وڃڻ کان اڳ دهلن ۽ شرناين سان راڄ ۾ پڙو گهمائبو آهي ۽ پوءِ ڳائي وڄائي پڙو ڏيندا آهن. وهانءَ جو پڙو راڄ جي عورتن کي بہ ڏيکاريو ويندو آهي. انهيءَ موقعي تي گهوٽيتيون ڪنوار جي پڙي جا ڳيچ چونديون آهن. ڪنواريتا وري گهوٽيتن جي پڙي جا ڳيچ بہ چوندا آهن. هي ڳيچ ڪنواريتن کي گهوٽيتن جي پهچڻ جو ڄڻ تہ اطلاع هوندو آهي. مثال طور: دهلن ساڻ پڙو، ابل! تنھنجي ماءُ سنڀاليو! ڀلي آيو سرهو سـاٿ سهـڻل گهوٽ جـو سـرهـيءَ واٽ مـٿــان ادل پـيــر ورايــو. اٿـي جـاڳ جـيــجـل! اٿـي ٻــول مـٺـل! اڄ تــو گهـــر ســـوڍل آيـــــو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو