پڙوا: هندُن جي وڪرمي سنبت (ڪئلينڊر) مطابق هر مهيني جي پهرين ۽ سورهين تِٿ. هڪ مهيني ۾ ڪل ٽيهه تِٿيون هونديون آهن، جن مان 15 سهائيون ۽ 15 اونداهيون تٿون سڏبيون آهن. ان ڪري پڙوا، مهيني ۾ ٻه دفعا ايندي آهي.