پڌرِي پڌريءَ جي رسم

پَڌرِي/ پڌريءَ جي رسم: شاديءَ ۽ مڱڻي کان اڳ سڱاوتيءَ جي ڳالھہ پڪي ٿيڻ واري رسم، جنهن ۾ مٺائي ورهائي ويندي آهي. هيءَ مڱڻي کان اڳ جي رسم آهي، جڏهن گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي شاديءَ لاءِ راضي هوندا آهن، تڏهن پڪي يا پڌري ڳالھہ ڪرڻ لاءِ گهوٽيتا (گهوٽ، هڪ ٻہ مرد ۽ ٻہ ٽي زالون) گڏجي ڪنواريتن وٽ ايندا آهن ۽ اتي اچي رات رهندا آهن، ان جو مقصد اهو هوندو آهي تہ جيڪڏهن ڪنواريتن کي گهوٽ نہ ڏٺل هجي يا ان کان ڪا ڳالھہ پڇڻي هجي تہ ان رات اهو سڀ ڪجهہ ڏسندا ۽ پڇندا، گهوٽيتا وري ڪنوار بابت اهڙي ڳالھہ ڏسندا ۽ پُڇا ڪندا. انهيءَ ميل جول کان پوءِ جيڪڏهن راضي ٿيا تہ ٻئي ڏينهن وڃڻ وقت گهوٽيتا مٺائي گهرائي ورهائيندا آهن ۽ ڪنوار کي پئسا خرچيءَ طور ڏيندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي گهوٽيتن پاران ڪنوار لاءِ ڪپڙا بہ ڏنا ويندا آهن. هيءَ رسم سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن ۾ عام آهي. پڌريءَ جي موقعي تي ڪنوار کي ’پوتي‘ پارائي پڌري ڪئي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو