پَٿـرُ: ڪک پن يا گاھہ وغيرہ کي پکيڙي ويهڻ لاءِ ٺاهيل وڇاڻو، خاص ڪري ڪنهن جي وفات جي موقعي تي ماڻهن جي ويهڻ لاءِ جيڪو تڏو، تونري وغيرہ وڇائجي، ان کي ”پٿر“ چوندا آهن. ٻئي ڪنهن بہ موقعي تي وڇايل تڏي يا گلم وغيرہ کي ”پٿر“ نہ چئبو آهي. شاھہ لطيف بہ چيو آهي تہ: جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري، تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو.