
پٿرن جو شهر ڪتاب جي تصوير
پٿرن جو شھر (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف زاهد گوتم آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماحول بابت ناول لکيو آهي، هن ناول جو معصوم ۽ خوبصورت ڪردار مومل آهي، ناول ضمير حاضر ۾ لکيل آهي ۽ ان جا مرڪزي ڪردار ملهار ۽ ساونت آهن. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 224 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ناول گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي، سال 2005ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.