پٿرجڻ

پٿرجڻ: هي ٻيڙياتن جو اصطلاح آهي. ٻيڙي ٺاهڻ واري شروعات کي ”ٻيڙيءَ جو پٿرجڻ“ چوندا آهن. اول ۾ جيتري ڊيگهہ ويڪر جي ٻيڙي ٺاهڻي هوندي آهي، اوترا هٿ يا نريون ڪنهن ڏوري تي هڻي (يعني جيڪڏهن ٽيھہ هٿ، يا چاليھہ هٿ) ماپي، زمين تي ڪليون هڻي، ڏوريءَ جا ڇيڙا ڪلين ۾ ٻڌي ٻيڙيءَ جو تَرُ ٻڌبو آهي. ڊيگهہ جون ٻہ ڪليون، ۽ ويڪر جون ٻہ ڪِليون هڻندا آهن. انهن چئن ڪِلين جي وچ ۾ پسون بيهاريندا آهن. پسون ٻيڙيءَ جي اندران سڄي تري ۾ جڙيل ڪاٺيءَ جي ٻنڌ کي چوندا آهن. پَسُن مٿان ٻيڙيءَ جي تَرَ جون ڦرهيون لوھہ جي ڪيرن يا ڪلين سان ٽِڪائي، ٻيڙي جو تر تيار ڪرڻ کي ”ٻيڙيءَ جو پٿرجڻ“ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو