پپون

پِپُون: پپون، سائي رنگ جي ڦرين جهڙيون ٿينديون آهن، جيڪي ٿر ۾ برسات پوڻ بعد هفتي اندر پيدا ٿين ٿيون. پپون مُرٽن، موراڙين، ڦوڳن، ڄارين، ٻيرڙين ۽ ڪرڙن جي پاڙن وٽ ڪنئري واريءَ ۾ پيدا ٿينديون آهن. اهي سائي رنگ جون ڦرين وانگر ٿينديون آهن. رواجي طرح فوٽ کن، پر ڄارين ۾ ڏيڍ ٻہ فوٽ ڊگهيون بہ ٿين. پچڻ بعد چوٽيءَ تي گل ڪڍن، جن ۾ ٻج ٿيندو آهي. سياري اونهاري مٿان سُڪيو وڃن ۽ پاڙ وارو ڀاڱو زمين ۾ پيو هوندو آهي، جن کي ”سيٽ“ چئبو آهي. برسات پوڻ تي اهي سيٽ ساوا ٿيو پون. پپن کي پاڙ کان پٽي ٻئي هنڌ آلي زمين ۾ لڳائبو تہ اتي بہ اُڀري اينديون.
ٿر جو ننڍو وڏو پِپُون شوق سان کائيندو آهي. پپون صبح جو 12 وڳي تائين کائڻ ۾ کٽيون هونديون آهن، جنهنڪري سنهو ڪُٽيل لوڻ لڳائي کائبيون آهن. پپن جي ڀاڄي کٽمٺڙي ۽ لذيذ ٿيندي آهي. مريڙي يا کُنڀين جي ڀاڄيءَ ۾ ٿوريون پپون وجهبيون تہ ڀاڄي وڌيڪ لذيذ ٿيندي، يعني اهي ڏاڙهون ۽ انبچُور جو ڪم ڏينديون آهن. ٿري ٻار جهٽ ۾ جهنگ مان جهول ڀري ايندا آهن. جيڪي پاڻ بہ کائيندا آهن ۽ شهرن ۾ بہ وڪرو ڪندا آهن. وسڪاري جي مند ۾ ننڍن وڻن جھڙوڪ: مُرٽن ۽ ٻُٿن ۾ بلائون ٿينديون آهن، تنهنڪري پپن چونڊڻ وقت انهن جو خيال ڪرڻو پوندو آهي. مُرٽن ۽ ٻين وڻن کي چڱيءَ طرح جاچي، لٺ يا ڪاٺيءَ سان ٺڙڪائي، بعد ۾ پپون چونڊبيون آهن.


لفظ پپونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو