پپري

پپري: هن نالي سان سنڌ ۾ گهڻيون ئي ديهون ۽ ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن. هڪ ديھہ تعلقي گنبٽ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٽي ڳوٺ آباد آهن: هن نالي سان ٻي ديھہ ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ گهڻا ئي ڳوٺ آباد آهن، جن ۾: سلطان ٻوڪ، غازي پنهور، ٻرڙا، ڪرم خان، راوت، زنئور، قيصر زنئور، نبي بخش پنهور، فتح خان زنئور، حسن پنهور، سلطان ڀنڊ، ارباب پنهور، رحمت ڀنڊ، عبدالفتح شاھہ، لاکا الھندو ٻرڙو، بچل ٻوڪ، پير شاھہ، ڌامراھہ پنهور، شاھہ زنئور، پپري پٽوها، ڀنڊ ڳوٺ، ڳوٺ ٻوڪ. ساڳئي نالي سان ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميهڙ ۾ بہ هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ هي ڳوٺ شامل آهن: پپري، ڪنڊو مهيسر، رکيو مهيسر، پريتم داس، بھرام کوسو ۽ دين محمد. يونين ڪائونسل گهگهر، تپي درساڻي ڇني، تعلقي ملير ڪراچي ۾ بہ پپري نالي ديھہ موجود آهي. هن ديھہ جون حدون ريلوي لائين کان سمنڊ ڪناري تائين آهن. پپري ڍوري ۾ پپر جي وڻن جي گهڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري هن کي پپري چيو ويو. هن جو پراڻو نالو پپر آهي. پپري ڍورو، کاري وارو ڍورو، کاري ڊهي وارو پٽ، جبل ۽ ٽڪريون بہ هن ۾ شامل آهن. تعلقي ميرپورماٿيلي جي هڪ ديھہ جو نالو بہ پپري آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: علي مراد جلباڻي، دليل جلباڻي، پپري، بھرام جلباڻي، محمود ڪورائي، شاهل خان لغاري ۽ محراب پتافي. پپري يا پنپري نالي هڪ ننڍو شھر ڀارت جي شھر پوني لڳ، پوني بمبئي روڊ تي موجود آهي، جتي سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا اديب رهن ٿا.


لفظ پپريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو