پٽڻ جو دڙو

پٽڻ جو دڙو: عمرڪوٽ ضلعي جي ساماري تعلقي ۾ واقع هي دڙو ساماري روڊ جي ڏکڻ ۾ ليلان جي ڀڙي کان ٽن ڪلوميٽرن جيتري پنڌ تي آهي. ليلان جو ڀڙو ساماري شھر ۽ ساماري روڊ جي وچ تي آهي. جتي مشھور بزرگ ’حسن باغبان‘ دفن ٿيل آهي. دڙي تان هٿ ايندڙ وٿون اسلامي دور جون آهن. هتان ڪاشيءَ جي سرن جا ٽڪرا، ٺڪراٺو، چوڙين جا ٽڪر ۽ بعضي سڪا بہ ملن ٿا. هن ماڳ جي چوڌاري ڪي ٻيا اسلامي دور جا ماڳ ۽ اهڃاڻ بہ ملن ٿا. جھڙوڪ: ليلان جي ماڙي، ڪئونرو جي ماڙي، ليلان جي ڪَنڊي، ليلان جي ترائي، ليلان وارو پڙ وغيرہ.ڪن تاريخدانن پٽڻ جي بدران ’پتپڻ‘ يا ’پٽپڻ‘ بہ ڪري لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو