پٽهڙو/پٽهلو: چٽن وارو، ٺڪر جو ننڍو ٿانءُ، جيڪو رانديڪي طور بہ استعمال ٿيندو آهي ۽ ڏياريءَ جي تهوار تي اُن ۾ مٺائي وجهي، ٻارن کي سوکڙيءَ طور موڪلي ويندي آهي. پٽهڙو، گوگڙو ۽ مورين جي ڪچن پنن کي بہ چوندا آهن، جيڪي ڀاڄيءَ طور رڌبا آهن.