پٺاڻ مولوي عبدالعزيز

پٺاڻ، مولوي عبدالعزيز: مولوي عبدالعزيز ولد مولانا فقير محمد پٺاڻ، پهرين آگسٽ 1951ع تي ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڄائو. هن پنھنجي والد ۽ استاد مظهرالدين انڍڙ کان تعليم حاصل ڪئي. قرات جو علم قاري عبدالقادر لغاري ۽ قاري محمد علي مدنيءَ کان سکيو. سرڪاري اسڪول ۾ صرف پنج درجا پڙهيو، باوجود اُن جي هڪ بھترين اديب جي حيثيت سان ٽي ڪتاب: (1) تحفته الحجاج، (2) توحيد (3) امام حسين جا فضائل لکي شايع ڪرايائين. 7 حج ڪيائين. هن وقت مسجد نوراني ڪنڌڪوٽ جو پيش امام ۽ مدرسہ احياء العلوم حماديه ڪنڌڪوٽ جو صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.08.01  عيسوي

مولوي عبدالعزيز ولد مولانا فقير محمد پٺاڻ، پهرين آگسٽ 1951ع تي ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڄائو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند شيخ ميان فيض
رفيع الدين مولانا
عبدالله قاضي
شيخ ورو
ذاڪري سيد محمد شاھہ
ششرذ هندي
آخوند ﷲ بخش ڀٽي سيتائي
آخوند قاضي ميان اسماعيل
شمس الدين فقير
قاضي ثناءَ ﷲ پاڻيپتي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون