محمد علي پٺاڻ

محمد علي پٺاڻ

پٺاڻ محمد علي

پٺاڻ، محمد علي: ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب پٺاڻ، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم غوثپور پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ پائيلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن ايم. اي سنڌي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو سربراھہ آهي، هن ادبي زندگيءَ جو آغاز 1974ع کان ڪيو، شاعريءَ ۽ 50 کن ڪهاڻين کان سواءِ ٻہ ناول ”واٽ وڃائي جن“ ۽ ”کاهيءَ جي وچ ۾“ لکيا اٿس، پر اڃا اشاعت هيٺ نہ آيا آهن. هن جي ڪهاڻين جا ٻہ مجموعا ”ميندي لھڻ کان اڳ ۾“ ۽ ”تيلي ٻاري وقت ڏسان ٿو“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. هن جو هڪ ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون، ماهوار ‘سوجهري’ ۾ قسطوار ڇپيل آهي. هن 1990ع ۾ کان روزاني عوامي آواز ۾ ”پسي بازاريون“ عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ ساڳئي نالي سان هن روزاني هلال پاڪستان ۽ روزاني عبرت ۾ بہ لکيا، جڏهن تہ ڪاوش جي قيام کان وٺي وقت بہ وقت ان ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي. هن ڪيترا ڊراما لکيا آهن، جن مان: ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ ۽ ”انصاف“ ڊراما سيريز کان سواءِ 20 کن سولو پلي مختلف چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ڊرامو ”وهڪرو“ نالي سان ڊائيلاگن کان سواءِ بہ شامل آهي. محمد علي پٺــاڻ جي شـاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن: (1)“اکيـون آلا چـنـڊ” (1988ع)، “عاشورا آهن” (1995ع)، (2) “اگهيا اوجاڳا” (2000ع)، (3) “ڀڳو آرس اکين” (2001ع). محمد علي پٺاڻ مختلف رسالن جو ايڊيٽر بہ رهيو آهي، جن ۾ ”ڏات“ پبليڪيشن (1978ع)، ”مرڪ“ پبليڪيشن (1984ع)، ”نئين دنيا“ پبليڪيشن (1979ع) ۽ ماهوار ”ڪونج“ (1995ع) آهن. هن وقت دڙي مهلي، لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.02.03  عيسوي

ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب الله پٺاڻ، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رکيل مورائي
ابو ضلع السندي
گوورڌن شرما گهايل
دريا خان ڪلهوڙو
بسنت ڪمار تياڳي
حامد ﷲ ’حامد‘ تنيو
تلسيداس
اقبال شاهين
اڪرام ساگر عباسي
فرهاد جروار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون