پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ، غلام حسين، ڊاڪٽر: ناميارو اديب ۽ استاد، پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، 20 ڊسمبر 1935ع تي، پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد (گدو بندر)، حيدرآباد ۾ ڄائو. هن پهرئين درجي کان چوٿين درجي تائين تعليم، سيد قطب شاھہ گورنمينٽ پرائمري اسڪول، حسين آباد مان حاصل ڪئي. پهرئين انگريزيءَ کان مئٽرڪ تائين ملڪ شيردل خان ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ تعليم ورتائين. هن انٽرميڊئيٽ ڊرائنگ جو امتحان 1954ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. بي. اي 1960ع ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. ان کان اڳ ٽي. ڊي (T.D) جو امتحان سنڌ يونيورسٽي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ مان 1959ع ۾ پاس ڪيائين. هن ايم. اي سنڌيءَ جو امتحان، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1977ع ۾ ’سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ‘ تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار ٿيو، 1970ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 1984ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1985ع ۾ پروفيسر طور ترقي ڪيائين ۽ عمر جا سٺ سال پورا ڪري، 1995ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. هن پورا 42 سال پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاريا. هن ادب ۽ تحقيق تي ڪيترائي مقالا لکيا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر غــلام حـسيـن پٺـاڻ جـي ڇـپيــل ڪـتـابــن ۾: (1) ’سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ‘، (2) ’تحقيق جو فن‘، (3) ’شاھہ جي ڪلام ۾ هدايتون‘ شامل آهن، جڏهن تہ سندس ٻہ ڪتاب: (1) ’سماجي سائنس جا تحقيقي اصول‘ ۽ (2) ’ادبي، تاريخي، تحقيق جا اصول‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ڇپائي رهي آهي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ کي ’تحقيق جو فن‘ ڪتاب تي، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، 1987ع ۾ انعام ڏنو. ان کانسواءِ کيس ’شاھہ جي ڪلام ۾ تصوف‘ مقالي تي پڻ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز پاران 1988ع ۾ انعام ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.12.20  عيسوي

ناميارو اديب ۽ استاد، پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، 20 ڊسمبر 1935ع تي، پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد (گدو بندر)، حيدرآباد ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قلندر شاھہ لڪياري
مدد علي سنڌي
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
ستار بلوچ
رشيده حجاب
قابل ڏاهري
بيدل مسرور
اندرا واسواڻي
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
عبدالستار بلوچ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون