ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تصوير

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تصوير

پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر

پٺاڻ، دُر محمد، ڊاڪٽر: سنڌ جي نالي واري اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو پورو نالو در محمد پٺاڻ ولد گل محمد پٺاڻ آهي. هو 25 مئي 1945ع تي ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. بي. اي پرائيويٽ 1967ع ۾ ڪيائين. بي. ايڊ 1971ع ۾ اول پوزيشن ۾ پاس ڪيائين ۽ 1972ع ۾ ايم. اي سنڌي ٽئين پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1979ع ۾ ”ڪراچيءَ جو سنڌي ٻوليءَ علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. در محمد پٺاڻ 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ۽ 1985ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي عرصي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي مقرر ٿيو، جتي ڪجهہ عرصو قائم مقام ڊائريڪٽر بہ رهيو. ڊيپوٽيشن جا پنج سال پورا ڪرڻ بعد 1990ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1991ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو ۽ 1991ع کان 1995ع تائين اتي ئي پرنسپال ٿيو. جتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن وقت زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.سندس هن وقت تائين سنڌ بابت تحقيق کان سواءِ اٽڪل 500 کان مٿي ثقافتي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ڇپيل آهن. جڏهن تہ سندس ٽيهارو کن ننڍا وڏا ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، جن ۾”موتي مور ملوڪ جا“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري، ترتيب: 1981ع)، ٻــارڙن لاءِ ”ذهـنـي آزمـائـش“ ۽ ”ڇـيـلـڙي وارو شـهـزادو“ (1984)، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“ (1985ع)، ”مولانا عبيدالله سنڌي“ (ٻارن لاءِ: 1985ع).”آدرش رنگ“ (شاعري: 1986ع)،”ادب ۽ ماحول“ (1987ع).”جھڙا گل گلاب جا“ (هندو شاعرن جي شاعري: 1988ع)، علامہ آءِ. آءِ. قاضي سووينئر (ترتيب :1989ع)،”موتين مٺ ملوڪ جي“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري: 1990ع)، ”سنڌي ادبي بورڊ ڪارڪردگي (ڪتـابـڙو:1991ع)، ”لاتيون سھڻي لقمان جون“ (سگهڙ محمد لقمان جي لوڪ شاعري: 1995ع) ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ڪتاب ”ادب ۽ ماحول“ کي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 1988ع ۾ ايم. اي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. سندس ڪتاب ”جو مطالعو ڪيو مون“ 1983ع ۾ انڊيا ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنھنجي اباڻي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پنھنجي امڙ حيات خاتون ۽ ابي گل محمد جي نالي سان ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جهڙو علمي ادارو پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي قائم ڪري مثال پيدا ڪيو آهي. هي سنڌ جو اهڙو غير سرڪاري ادارو آهي. جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ فن، ثقافت، سياست، شخصيات ۽ تاريخ بابت اخباري ڪترُن تي مشتمل هزارين فائيلن جو مواد موجود آهي. ڊاڪٽر در محمد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد طرفان ڏهاڪو مضمونن ۾ پي. ايڇ. ڊي گائيڊ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ ”پرزرويشن آف هسٽري ڪلچر ۽ لٽريچر آف سنڌ“ هـيٺ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ ٻين خدمتن جي مڃتا طور 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ”ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪارنر“ قائم ڪئي وئي، جنهن مان ڪيترن شاگردن پـي. ايـڇ. ڊي لاءِ مدد حاصل ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو