پِٿون: مڇيءَ جو هڪ قسم، جيڪا بنا ڪنڊي ٿيندي آهي. هيءَ مڇي ڊيگهہ ۾ ڏيڍ فوٽ کن، کاڌي ۾ نهايت لذيذ، ٽن رنگن جي ٿيندي آهي، جنهن جو رنگ اڇو، ڪارو ۽ ميرانجهڙو ٿيندو آهي. هيءَ سامونڊي مڇي آهي، جنهن جا ٻہ مکيہ قسم آهن: ڪاري ۽ اڇي، ڪاري پٿون وڏي، ڊيگهہ ۾ هڪ فوٽ ۽ تور ٻہ ڪلو ٿئي. ٻي اڇي پٿون، جنهن جا ٻہ نمونا ٿين: هڪ گپڙ يا ڪٻري، جيڪا وڏي ٿئي ٿي، تور ۾ ڏيڍ يا ٻہ ڪلو ٿئي، ٻي اڇي ۽ ننڍي، جيڪا ڊيگهہ ۾ منو فوٽ ۽ تور ۾ هڪ ڪلو ٿيندي آهي.