پَٽُ4

پَٽُ4: ڪنهن بہ ڌاتوءَ جي سنهي ۽ چپڀري پٽيءَ کي پَٽُ چئبو آهي. هي پٽ کوکن کي بند ڪرڻ لاءِ بہ ڪم آڻبو آهي. بليڊ يا سيفٽيءَ جي سنهي ڦر کي بہ پٽُ چئبو آهي. درياهي ناريل جي کل جو اڌ، ڪستور بہ پٽ سڏبو آهي، جنهن کي شاھہ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي: ’پائي پٽ ڪڻا، مون تان مُور نہ مڱيا‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو