پَساري: پسارڪو وکر وڪڻندڙ کي پساري چئبو آهي ، جيڪو يوناني دوائن ۾ ڪم ايندو آهي . پساريءَ وٽ گهڻو ڪري سڀ جڙيون ٻوٽيون هونديون آهن ، ان کان سواءِ عرق ، شربت ، ۽ سُرهاڻ وغيرہ بہ موجود هوندي آهي . ڪي پساري حڪمت جو بہ ڪم ڪندا آهن .