پيٽر سينٽ

پيٽر، سينٽ (Peter, St): حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مشهور 12 حوارين (صحابين/ساٿين) مان هڪ. جنهن ابتدائي ڪليسيا جي قيادت ۽ تبليغ ڪئي، جنهن کي روايتي طور روم جو پهريون بشپ مڃيو وڃي ٿو. حضرت پولرس جا خط، چار اناجيل (انجيل جو جمع) پيٽر بابت معلومات جو بنيادي ماخذ آهن. انهن تحريرن ۾ پيٽر بابت ڪيتيون ئي مستند روايتون ملن ٿيون، پيٽر کي ڪليسا (Church) جو بنياد وجھندڙ چيو وڃي ٿو، ڇو ته چيو وڃي ٿو ته يسوع ان کي اها ئي حيثيت ڏني هئي. پال عيسائيت قبول ڪرڻ جي ٽن سالن کان پوءِ يروشيلم ۾ پيٽر سان مليو ۽ انطاڪيه ۾ ٻنهي ۾ شديد اختلاف راءِ ٿيو، پيٽر پنهنجي زال سان گڏ تبليغي مشن تي نڪتو ۽ روم ۾ قتل ٿيو، مغرب ۾ حواري پيٽر جو يوم ضيافت 22 فيبروريءَ تي ملهايو ويندو آهي.
پيٽروليم: لفظ پيٽروليم لاطيني زبان مان ورتل آهي، هي لفظي مرڪب ٻن لفظن: ”پيٽرا (Petra)“ معنيٰ پٿر ۽”اوليم“معنيٰ تيل مان جڙيل آهي. اهڙيءَ طرح لفظ پيٽروليم جي لفظي معنيٰ پٿر جو تيل آهي. پيٽروليم جا جزا زمين جي هيٺيان ملن ٿا، ان ڪري ان کي زميني تيل، معدني تيل يا ڪريوڊ آئل (Crude Oil) چئي سگهجي ٿو.
پيٽروليم- توانائيءَ جو ذريعو (Petroleum As a Source of Energy): پيٽروليم توانائيءَ جو هڪ وڏي ذريعو آهي. هن وقت سڄي دنيا توانائيءَ جي هن ذخيري مان ڪيتريون ئي ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. دنيا ۾ پيٽروليم جا وڏا ذخيرا سعودي عرب، ايران، عراق، لبيا ۽ ڪويت ۾ آهن. ان کان سواءِ باقي دنيا يعني روس، ڪئناڊا، ميڪسيڪو، وينيزولا ۽ آمريڪا ۾ به پيٽروليم گھڻي مقدار ۾ موجود آهي. پاڪستان ۾ به پيٽروليم جي تلاش زور شور سان جاري آهي. اڄڪلهه پوٺوهار ۾ ميال، سنڌ جي خاصخيلي فيلڊ حيدرآباد، ضلعي گهوٽڪي، دادو، ڄامشورو ۽ بدين ۾ تيل ڳولي ڪڍيو ويو آهي. انهن سڀني هنڌن تان حاصل ٿيندڙ پيٽروليم ملڪ جون فقط 40 سيڪڙو ضرورتون پوريون ڪري ٿو.
پيٽروليم ۾ موجود مختلف مرڪبن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ واري عمل کي رفائنري چئبو آهي. سڀني مرڪبن کي خالص ڪرڻ بدران مختلف جوش جي درجن وارا مختلف حصا جدا ڪيا ويندا آهن، جنهن عمل کي ”حصيدار چڪائڻ“ چئبو آهي ۽ اهو عمل بخارجڻ ۽ ڄمائڻ تي مشتمل هوندو آهي. هن عمل ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جا ٽي اهم حصا هوندا آهن:
(i) بٺي (Still)، (ii) ڀاڱا ڪندڙ ٽاور (Fractionating Tower) ۽ (iii) ڪنڊينسر (Condenser).
پهرين پيٽروليم کي بٺيءَ اندرC ˚ 350 کان C˚400 تائين گرم ڪيو ويندو آهي. جيئن ته هيءُ عمل داٻ هيٺ ٿيندو آهي، ان ڪري نه پيٽروليم ٽهڪندو آهي ۽ نه وري بخارن ۾ تبديل ٿيندو آهي. هتان گرم پيٽروليم کي اٽڪل 300 ميٽر بلند ٽاور ۾ پهچايو ويندو آهي، جتي داٻ گھٽ هئڻ ڪري پاڻياٺو پيٽروليم بخارن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، نتيجي طور هائيڊروڪاربانس جي ٽهڪڻ پد جو درجو سڀ کان گھڻو هوندو آهي، مثلاً اسفالٽ، هن جا بخار ٽاور جي هيٺئين حصي ۾ پاڻياٺ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ جن هائيڊروڪاربانس جو ٽهڪڻ - پد سڀ کان گھٽ هوندو آهي (جهڙوڪ گئسولين) ان جا بخار ٽاور جي مٿئين حصي مان ڪنڊينسر مان داخل ٿي پاڻياٺ جي صورت اختيار ڪندا آهن.
ٽاور جي مختلف حصن ۾ هائڊرو ڪاربانس جا بخار پائيپن ذريعي ڪنڊينسر ۾ داخل ٿي پاڻياٺ ۾ تبديل ٿيندا آهن ۽ انهن کي مختلف ٽانڪين ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي. واضح رهي ته هن عمل ذريعي فقط پيٽروليم کي مختلف جزن يا ڀاڱن ۾ ورهائبو آهي ۽ مرڪب خالص حالت ۾ حاصل نه ٿيندا آهن. مرڪبن کي خالص حالت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي ٻيهر ”حصي وار چڪايو“ ويندو آهي ته جيئن انهن مان غلاظتون نڪري وڃن.
پيٽروليم جا اهم ڀاڱا:
ٽهڪڻ پد ترڪيب سڃاڻپ استعمال
C˚0 –30 C1 – C4 گئس گئس مينول (ٻارڻ)
C˚30 -60 CS – C7 پيٽروليم ايٿر ڳرندڙ
C˚60 -100 C7 – C8 لگرائن ڳاريندڙ
C˚70 -150 C8 – C9 گيسولين موٽر فيول
C˚175 -300 C10 – C16 ڪيروسين (گاسليٽ) ڊيزل فيول
C˚300 کان مٿي C16 – C18 گئس آئل ڊيزل فيول
C18 – C20 ويڪس آئل ليوبريڪيٽنگ آئل، ڪريڪنگ آئل
C20 – C40
Above C40 پيرافن ويڪس ميڻ بتي، ويڪس پيپر
ڏامر واٽر، پروفنگ، روفنگ ٽار، روڊ مٽيريل
هڪ سؤ ليٽر پيٽروليم مان عام طور هيٺيون شيون حاصل ٿين ٿيون:
1.گيسولين 43.4 ليٽر
2. فيول آئل 37.6 ليٽر
3.ڪيروسين آئل 4.2 ليٽر
4.لوبريڪيٽنٽ آئل 2.0 ليٽر
5. ڏامر 11.0 ليٽر
6.ٻيون مختلف شيون 1.8 ليٽر
پيٽروليم مصنوعات ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ وغيره صنعتي ميدان ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
پاڪستان ۾ تيل جي وڌيڪ مقدار جي دريافت نه ٿي سگھيو آهي. انهيءَ ڪري ملڪي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ پيٽروليم درآمد ڪيو ويندو آهي. پيٽروليم پاڪستان جي جيڪو ڊليان، جويامير، خاصخيلي فيلڊ وغيره مان ڪڍيو وڃي ٿو، ان کي پاڪستان آئل فيلڊ لميٽڊ جي رفائنريءَ ۾ صاف ڪيو وڃي ٿو. باقي درآمد ڪرڻ لاءِ تيل صاف ڪرڻ جون ٽي رفائنريون قائم ڪيون ويون آهن جيڪي هيٺيون آهن:
(i)پاڪستان آئل رفائنري، (ii) اٽڪ آئل رفائنري (پاڪستان آئل فيلڊ ليميٽڊ) ، (iii) نيشنل آئل ريفائنري ۽ (iv) پاڪ عرب آئل ريفائنري.
سنڌ ۾ خاصخيلي فيلڊ کان سواءِ گهوٽڪي، خيرپور، بدين، جوهي، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ٺٽي جي جاتي واري علائقي ڄامشوري ۽ مٽياريءَ جي علائقن ۾ پڻ تيل جا ذخيرا ڳوليا ويا آهن، جتي پلانٽ لڳائي وڌيڪ تحقيق ڪئي پئي وڃي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو