پيٺو/ ولائتي گدرو

پيٺو/ ولائتي گدرو

پيٺو ولائتي گدرو

پيٺو/ ولائتي گدرو: پيٺي کي انگريزيءَ ۾ Ash Gourd/White Pumpkin، لاطينيءَ ۾ Benin Easa Hispida، عربيءَ ۾ محدبه، فارسيءَ ۾ بزدبه، سنسڪرت ۾ ڪوشماند، گجراتيءَ ۾ پدڪولون، هنديءَ ۾ پيٺا ۽ بنگاليءَ ۾ چاڪ مورا چيو ويندو آهي. هن جو تعلق Cucurbitaceae جي آڪھہ سان آهي.
هي هڪ مشھور ڦل آهي. جنهن جي ول ٿيندي آهي. هن جا پن وڏا چئن کان ڇھہ سينٽي ميٽر ڊگها ۽ گجيارا ٿين ٿا. هن جو ڦل ڀاڄيءَ ۽ دوا طور استعمال ٿيندو آهي. ٻج دوا يا طبي مقصدن لاءِ واپرايا وڃن ٿا. هن جو حلوو ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو مقوي، بدن ۽ دل کي فرحت ڏئي ٿو. هن جو ڦل گدري وانگر هوندو آهي، پر ڊيگهه ۾ وڏو ۽ ويڪرو، گهٽ ۾ گهٽ پنج ست ڪلو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ گهٽ، پر پنجاب ۾ ڪثرت سان پوکيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو